اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي سندس بهادري، وطن سان وفاداري ۽ جرئت مندي تي پُوري قوم پاران خرج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد جو حب الوطني جو جذبو ۽ جنگ جي ميدان ۾ لازوال قرباني ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …
وزيراعظم پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خرج عقيدت پيش
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي سندس بهادري، وطن سان وفاداري ۽ جرئت مندي تي پُوري قوم پاران خرج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد جو حب الوطني جو جذبو ۽ جنگ جي ميدان ۾ لازوال قرباني ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي 78هين شهادت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پوري قوم وطن جي دفاع لاءِ سندس بي مثال ۽ عظيم قرباني کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڪشمير جي آزادي جي پهرين ڪشمير جنگ 27 جولاءِ 1948ع دوران تاريخي ۽ مثالي دليري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد پهريون پاڪستاني آهي جنهن کي مادر وطن لاءِ سندس قرباني جي اعزاز ۾ نشان حيدر سان نوازيو ويو. ڪيپٽن محمد سرور شهيد جنگ جي محاذ تي فرض شناسي، بهادري ۽ بهترين پيشيوراڻي حڪمت عملي تحت دُشمن جو مقابلو ڪندي تاريخ رقم ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد جهڙا بهادر سپُوت اسان جو فخر ۽ پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاع جي ضمانت آهن. ڪيپٽن محمد سرور شهيد پنهنجي همت، بهادري ۽ ثابت قدمي سان ثابت ڪيو ته مُلڪ جي دفاع ۾ پُوري قوم شيهي جي ديوار آهي. ڪيپٽن محمد سرور شهيد جو حب الوطني جو جذبو، فرض شناسي ۽ جنگ جي ميدان ۾ لازوال قرباني ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي ڪيپٽن محمد سرور شهيد سميت سڀني بهادر شهيدن تي فخر آهي، جن مُلڪ جي دفاع ۾ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.












