اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ڪالعدم ڄمون ڪشمير عوامي ايڪشن ڪميٽي کي چيو آهي ته هو لانگ مارچ ملتوي ڪري ۽ چونڊ عمل ۾ رڪاوٽ نه وجهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ڪالعدم ڪميٽي کي مطالبن مان جيڪو ملي رهيو آهي اهو حاصل ڪري جيڪو نٿو ملي ان لاءِ تحمل سان پر امن …
ڪالعدم ڄمون ڪشمير عوامي اليڪشن لانگ مارچ ملتوي ڪري: خواجه سعد رفيق
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ڪالعدم ڄمون ڪشمير عوامي ايڪشن ڪميٽي کي چيو آهي ته هو لانگ مارچ ملتوي ڪري ۽ چونڊ عمل ۾ رڪاوٽ نه وجهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ڪالعدم ڪميٽي کي مطالبن مان جيڪو ملي رهيو آهي اهو حاصل ڪري جيڪو نٿو ملي ان لاءِ تحمل سان پر امن ۽ سياسي حڪمت عملي اختيار ڪري . هن چيو ته ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن کي واپسي جو محفوظ رستو ملڻ گهرجي . رياست جي عملداري قائم ٿيڻ گهرجي . سمورا مطالبا هڪ ئي وقت ناهن مڃيا ويندا ، جدوجهد جاري رهندي آهي . لانگ مارچ جي نتيجي ۾ مظاهرو ڪندڙن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ تڪرار جو خطرو آهي. ملڪي حالتون ڪنهن جاني نقصان کي براداشت نٿيون ڪري سگهن ، مظاهرو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي هر فرد جي حياتي قيمتي آهي. ڪميٽي جا گهڻا مطالبا آزاد ڪشمير حڪومت بابت آهن ، قانون ساز اسيمبلي جو مدو پورو ٿي چڪوآهي ، نئين حڪومت نه ٺهندي ته مسئلن جو حل ڪنهن فورم تي ٿيندو. هن چيو ته رياست سنجيدگي ۽ شفقت سان ڪالعدم ڪميٽي سان نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪري ، ڪجهه انتها پسند عنصرن جي موجودگي باوجود اتي اعتدال پسند ماڻهو پڻ موجود آهن ، ان جو ڪو پرامن حل نڪرڻ گهرجي . قبول ڪرڻ جوڳا مطالبا تسليم ڪرڻ گهرجن جڏهن ته نه قبول ڪرڻ جي مطالبن بابت واضع موقف اختيار ڪيو وڃي.












