نائب وزيراعظم جي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محي الدين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ پراڻن، ڀائپي …

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محي الدين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ پراڻن، ڀائپي وارن ۽ ويجهن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، رابطي، توانائي، ثقافت ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه به زور ڀريو ته ٻه طرفي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح جي رابطن جو تسلسل نهايت اهم آهي. تاجڪستان جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن، استحڪام ۽ علائقائي مسئلن جي پُر امن حل کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گهڻ رخي فورمز تي گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڀريو.