اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن، بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڍڪوچه ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارراوئي ۾ فتنه الخوارج کي مسلسل تباهيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن العزم ۾ هاڻي تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 13 ٿي ويو آهي، ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي ڪيترن …
سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائيون جاري
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن، بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڍڪوچه ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارراوئي ۾ فتنه الخوارج کي مسلسل تباهيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن العزم ۾ هاڻي تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 13 ٿي ويو آهي، ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو ۽ ڪامياب آپريشن دوران هٿيار، بارد ۽ آءِ اي ڊي تيار ڪرڻ جو مواد به هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتين ڪارروائين ۾ فتنه الهندستان جا ڪيترائي دهشتگرد زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان جي قيام تائين سيڪيورٽي فورسز جون مسلسل ڪارروائيون جاري رهنديون.












