سردار اياز صادق پاران ناڻي واري ڊپٽي سيڪريٽري عائشه جاويد کي شهره آفاق ڪتاب وومن ان پبلڪ فنانس، اسٽوري آف جينڊر ان بجٽنگ ۾ مددگار ليکڪ طور شامل ٿيڻ تي مبارڪون

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ناڻي واري ڊپٽي سيڪريٽري عائشه جاويد کي ناليواري عالمي اداري راؤ ٽليج جي شهره آفاق ڪتاب وومن ان پبلڪ فنانس، اسٽوري آف جينڊر ان بجٽنگ ۾ مددگار ليکڪ طور شامل ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن عائشه جاويد جي ان شاندار ڪاميابيءَ کي پاڪستان لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ناڻي واري ڊپٽي سيڪريٽري عائشه جاويد کي ناليواري عالمي اداري راؤ ٽليج جي شهره آفاق ڪتاب وومن ان پبلڪ فنانس، اسٽوري آف جينڊر ان بجٽنگ ۾ مددگار ليکڪ طور شامل ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن عائشه جاويد جي ان شاندار ڪاميابيءَ کي پاڪستان لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس لکڻي لمٽ ليس اسڪائيز اينڊ اينڊليس ڊريمز نه صرف سندس پيشيوراڻين صلاحيتن جو اظهار آهي پر جينڊر ريسپانسيو بٽجنگ جي شعبن ۾ پاڪستاني عورتن جي وڌندڙ مؤثر ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستاني عورتن جون عالمي سطح تي نمايان ڪاميابيون ملڪ جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪن ٿيون ۽ پاڪستان جي سرڪاري آفيسرن جي غير معمولي صلاحيت، لڳن ۽ فڪري سگهه جو ثبوت آهي. هن چيو ته ان قسم جون ڪاميابيون خاص ڪري نوجوان نسل ۽ عورتن لاءِ فخر جوڳيون آهن ته جيئن هو اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي قومي ترقيءَ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪن. اسپيڪر عورتن جي سرڪاري اداري ۾ مؤثر شموليت ۽ قيادت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته ميرٽ، برابريءَ جا موقعا ۽ شموليتي ماحول ئي پائيدار ترقيءَ جو راز آهي.

مزید خبریں