اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير حملي جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سجاد الاسلام ۽ ڪسٽم ڪانسٽيبل جواد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل ۽ حملي …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير حملي جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سجاد الاسلام ۽ ڪسٽم ڪانسٽيبل جواد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل ۽ حملي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. محمد حنيف عباسي چيو ته قوم جي محافظن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. هن واضع ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ رياستي ادارن جون ڪوششون جاري رهنديون.










