اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب هن ڪرغزستان جي قيادت ۽ پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪولو بايف جا شاندار مهمان نوازي ۽ ايس سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي …
نائب وزيراعظم پاران ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ سنڀالڻ لاءِ پاڪستان جي راضپي جو اظهار، سمورن ميمبر ملڪن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب هن ڪرغزستان جي قيادت ۽ پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪولو بايف جا شاندار مهمان نوازي ۽ ايس سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي بهترين انتظامن تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم قائم ٿيڻ جي 25هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ خطي ۾ امن، سلامتي، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ تنظيم جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن “شنگهائي اسپرٽ” سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون، رابطن ۽ گڏيل ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم علائقائي امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن خاص طور تي اسلام آباد ڳالهه ٻولهه ۽ بعد ۾ طئي ٿيندڙ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جو ذڪر ڪيو جيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان پاڪستان جي وابستگي جي عڪاس آهي. هن پنهنجي هم منصبن جي ٿورا ادا ڪيا جن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جو اعتراف ڪيو. نائب وزيراعظم سيپٽمبر 2026ع ۾ ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ سنڀالڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ 2027ع ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او ملڪي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني.











