نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ ايران جي پريهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات

اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پريهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي خطي جي …

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پريهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي خطي جي بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم تازي علائقائي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين پاران ڳالهه ٻولهه، تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطا لازمي آهن. هن جون 2026ع جي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت طئي ٿيندڙ مفاهمتن تي عملدرآمد کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي حمايت ۽ تعميري ڪوششن کي ساراهيو. هن ايراني مُهاڻن ۽ عملي جي ميمبرن بشمول آمريڪي عملدارن پاران روڪيل جهازن جي عملي جي محفوظ وطن واپسي ۾ پاڪستان جي تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. هن ايران، امريڪا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ويجهي رابطي جي ذريعي انهن ماڻهن جي پاڪستان جي رستي محفوظ اچ وڃ ۽ ايران واپسي کي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں