سمورا صوبا برابر ترقي ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو، پاڻي ذخيرن جي منصوبن جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 368 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪڇي ڪينال منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي کي پاڪستان ڪينال جو نالو ڏيون ته بهتر ٿيندو، ڪراچي کان چمن تائين ٻن ڦاڪن واري رستي جو 300 ارب رپين جو منصوبو ايندڙ ڏيڍ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور وسيلن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سمورا صوبا برابر ترقي ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو، پاڻي ذخيرن جي منصوبن جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 368 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪڇي ڪينال منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو، …

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور وسيلن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سمورا صوبا برابر ترقي ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو، پاڻي ذخيرن جي منصوبن جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 368 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪڇي ڪينال منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي کي پاڪستان ڪينال جو نالو ڏيون ته بهتر ٿيندو، ڪراچي کان چمن تائين ٻن ڦاڪن واري رستي جو 300 ارب رپين جو منصوبو ايندڙ ڏيڍ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو، پنجاب اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 150 ارب رپيا بلوچستان کي ڏنا آهن، باقي صوبن بلوچستان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور حصو وڌو آهي، بلوچستان کي ليپ ٽاپ ۽ وظيفن جي ورڇ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ ڪوٽا ڏني پئي وڃي، پاڪستان جي مسئلن جو حل شفاف حڪومتي نظام ۾ آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي، دهشتگردي جي چئلينج کي اسان کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، افغانستان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن “بلوچستان نيشنل ورڪشاپ” جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سميت ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد صحيح معنى ۾ چئني صوبن جي ماڻهن جو مسڪن آهي، بلوچستان مان آيل غيرتمند محب وطن فرزندن ۽ ڌيئرن کي ڀليڪار چئون ٿا، بلوچستان جاگرافيائي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، بلوچستان ۾ رهندڙ اسان جي بهادر بلوچ ۽ پختون ڀائرن ۽ ڀينرن تخليق پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، 1947ع ۾ بلوچستان جي ڪيترين ئي رياستن رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي، 1948ع ۾ ٻين رياستن جي بلوچ پختون قبائلي اڳواڻن پڻ اڳتي وڌي قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت کي کي تسليم ڪيو ۽ پاڪستان جو حصو بڻيا. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، بلوچستان جي قيادت ذاتي مفاد ۽ اناءَ کي هڪ طرف رکندي کلي دل سان وفاق جي حمايت ڪئي، بلوچستان آباديءَ جي لحاظ کان جيتوڻيڪ ملڪ جو سڀ کان ننڍو صوبو آهي پر جاگرافيائي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي، ٻين صوبن ۽ خاص طور تي ڳتيل علائقن ۾ جيڪا وسيلا تعليم، صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ڪري وڌيڪ آبادي کي فائدو پهچائي سگهجي ٿو، بلوچستان جي صورتحال ان حوالي سان مختلف آهي، فاصلا شهرن، ڳوٺن ۽ علائقن جي وچ ۾ وڌيڪ آهن، ڏورانهن علائقن جي ترقي جي لاءِ ڊگهي فاصلن جي ڪري وسيلا سراسري طور وڌيڪ هجڻ گهرجن، 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ان معاملي کي تسليم ڪيو ويو ۽ باقي ٽن صوبن خاص طور تي پنجاب گڏجي رضاڪاراڻي طور تي بلوچستان جو مالي حق 100 سيڪڙو وڌائڻ جي مطالبي کي پورو ڪيو ۽ ان ۾ وڌي چڙهي حصو وڌو، پنجاب 11 ارب رپيا ساليانو ڏنا. وزيراعظم چيو ته اهو ڪو احسان نه هو پر ڀائيچاري جو هڪ عظيم مثال هو، ڏک سک ونڊڻ جي جذبي جو مظاهرو ڪيو ويو، پنجاب 2010ع کان هيستائين 150 ارب رپيا ان سلسلي ۾ فراهم ڪري چڪو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي، اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي دور ۾ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بي پناهه وسيلا ۽ منصوبا ڏنا ويا بعد ۾ ايندڙ حڪومتن ۽ خاص طور تي پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ۽ هاڻي به بلوچستان جي جائز مطالبي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انهن جي بجيٽ کان وڌيڪ وسيلا مهيا ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ آبادگارن کي ڪيترائي ڪلاڪ بجلي جي بندش درپيش هئي انهن جا ٻيا به مسئلا هئا جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اٽڪل 27 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو، 75 ارب رپين جي ان منصوبي ۾ 50 ارب رپيا وفاق فراهم ڪيا، اهڙي طرح ڪراچي کان چمن تائين اين 25 جنهن کي خوني رستو چيو ويندو هو ۽ روزانو حادثا ٿيندا آهن، ان پراڻي مطالبي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گذريل سال تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي جي مد ۾ گڏ ٿيندڙ رقم سان ڪراچي کان چمن تائين ٻن ڦاڪن وارو رستو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، 300 ارب رپين جو اهو منصوبو ايندڙ ڏيڍ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو ته ان خوني رستي کي امن جو رستو قرار ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته سمورا صوبا برابر ترقي ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو جيڪڏهن هڪ صوبو وڌيڪ ترقي ڪري ٿو ۽ باقي صوبا پٺتي رهجي وڃن ٿا ته اها ملڪي ترقي ناهي هوندي، ترقي جي ڊوڙ ۾ چئني صوبن جي هڪ جهڙي ڪوششن جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. وزيراعظم مستونگ جي سيشن جج عبدالحڪيم جي شهادت کي افسوسناڪ سانحو قرار ڏيندي ان جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته سيشن جج عبدالحڪيم ۽ سندس هڪ اهلڪار شهادت ماڻي، هن چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ عوام سان گڏوگڏ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، هيستائين دهشتگردي جي خاتمي جي جنگ ۾ 90 هزار پاڪستاني شهيد ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي ۽ اهو وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي ان ۾ ٻيا به عمل شامل آهن، 18 – 2017ع ۾ ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي ويو هو پر ان کانپوءِ دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو، هڪ انتهائي منظم سازش سان دهشتگردي ٻيهر آئي، دهشتگردي اسان جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي. افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ان سان اسان جي 2 هزار ڪلوميٽر گڏيل سرحد آهي. افغان رجيم کي اسان سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ته اسان پاڙيسري آهيون ۽ اسان کي گڏجي رهڻو آهي، خطي ۾ امن چاهيو ٿا ته اتي موجود دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪريو ۽ افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، افغان عبوري حڪومت انهن تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، تازن ڏينهن ۾ الله تعالى پاڪستان کي عظيم ڪاميابيون عطا ڪيون آهن. معرڪه حق ۾ ڀارت کي چئن ڏينهن ۾ شڪست ملي، اهڙي طرح سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان سان دنيا ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي عزت ملي آهي، خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ موثر سفارتڪاري تي دنيا پاڪستان کي قدر جي نگاهه ڏسي ٿي، اها عزت ۽ وقار دشمن کي هضم نه پيو ٿئي، وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي معاشي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي وڃون، موقعن مان فائدو کڻي اسان کي چئني صوبن ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻي پوندي ان جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات گڏجي اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي، جڏهن چار ئي صوبا ۽ 24 ڪروڙ عوام گڏجي ڪوشش ڪندا ته پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو ۽ اسان جون عسڪري ۽ سفارتي ڪاميابيون وڌيڪ وڌنديون. ورڪشاپ ۾ سوال جواب جو سيشن پڻ ٿيو، وزيراعظم شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا دليلن سان جواب ڏنا. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ايف بي آر ۾ بدعنواني جي ڪري اربين کربين رپين جا جيڪي وسيلا خزاني ۾ جمع ٿيڻ گهرجن، اهي نه ٿا ٿين جنهن جي ڪري غربت ۽ مسئلا وڌن ٿا ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي قرضن تي قرض وٺڻو پوي ٿو. پاڪستان جي مسئلن جو حل شفاف حڪومتي نظام ۾ آهي، ان جي لاءِ اسان ٽيم ورڪ جي طور تي ڪم ڪيو آهي ۽ گذريل سال سيلز ٽيڪس ۽ ٻين اڻسڌي ٽيڪسن جي مد ۾ 800 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن. اها هڪ وڏي رقم آهي جنهن جو اڳ ۾ مثال نه ٿو ملي، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي فيصلو ڪري وٺن ته کي هر چئلينج ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻو آهي. جاپان ۽ جرمني جا مثال اسان جي سامهون آهن ته انهن محنت جي ذريعي دنيا ۾ پنهنجو ٻيهر مقام ٺاهيو آهي. جادو منتر سان نه رڳو محنت، ديانت ۽ امانت جي ذريعي ترقي ڪري سگهجي ٿي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. انشاءَ الله گڏجي بهتري آڻينداسين ته جيئن سمورن صوبن جي عام عوام جي لاءِ گهرن جي درن تي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ماضي جي غلطين کي سڌارينداسين ۽ ترقي جا ثمر چئني صوبن کي منتقل ڪنداسين. شفاف گورننس جي نظام کي صوبن ۾ به لاڳو ڪنداسين. ڪڇي ڪينال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڻي ذخيرن جي منصوبن جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 368 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان ۾ ڪڇي ڪينال جو منصوبو به شامل آهي، ان منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي کي پاڪستان ڪينال جو نالو ڏيون ته بهتر ٿيندو. ضلعي چاغي سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي خالده يوسف جي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته توهان جو تعلق به چاغي سان آهي، اسان کي توهان تي تمام گهڻو فخر آهي. ماضي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ڏنا، انهن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف نه ڏنيون. اڄ ڊيجيٽل انوويشن، اي آءِ ۽  آءِ ٽي جو دور آهي، لکين ليپ ٽاپ ورهايا ويا، هنن انهن ٻارن، ٻارڙين ۽ خاندانن جي تقدير بدلائي ڇڏي ۽ انهن ملڪ جي ترقي ۽ تعليم جي لاءِ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ گذريل سال به پوري ملڪ ۾ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا. ليپ ٽاپ ۽ وظيفن جي حوالي سان بلوچستان جي ڪوٽا باقي صوبن کان وڌيڪ آهي. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ 9 دانش اسڪولز ٺاهيا پيا وڃن. ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جي لاءِ جدا جدا درسگاهون، ڪلاس رومز ۽ راندين جا ميدان هوندا. غريب ۽ يتيم ٻارن کي مفت تعليم جي سهولت حاصل هوندي، هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون فارغ ٿي ڊاڪٽرز، انجنيئرز بڻجي قوم جي ڀرپور خدمت ڪري رهيا آهن. بلوچستان جي تعليمي ادارن جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي سهولتون فراهم ڪنداسين. بلوچستان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ ملڪ دشمن عنصرن جي خاتمي ۾ هر اول دستو ثابت ٿيندا، اهڙي طرح پاڪستان تمام جلد دهشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي بلوچستان ۾ وڌيڪ وسيلا مهيا ڪرڻا آهن. ڪوئيٽا، قلات ۽ چمن سميت بلوچستان جي عام ماڻهو کي جيستائين اهو احساس نه ٿيندو ته ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بلوچستان جي حڪومت ۽ وفاق گڏجي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽  سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي وانگر سوچين ٿا، ان وقت تائين اهي مطمئن نه ٿيندا. وزيراعظم يقين ڏياريو ته بلوچستان جي ترقي، خوشحالي، تعليم ۽ علاج جي لاءِ وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، پاڪستان کي دنيا جو هڪ طاقتور ترين ملڪ بڻائينداسين. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان گڏ وزيراعظم گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.