وزيراعظم پاران ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردي جي واقعي ۾ سب انسپيڪٽر سجاد الاسلام ۽ ڪسٽمز ڪانسٽيبل جواد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس …

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهاٽ ۾ ايڪسائيز اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردي جي واقعي ۾ سب انسپيڪٽر سجاد الاسلام ۽ ڪسٽمز ڪانسٽيبل جواد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل اهلڪارن کي ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، شرپسند عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين.