شاماخي-24 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تعميري عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت موجب هن اها ڳالهه آذربائيجان جي شهر شاماخي ۾ آئينده گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس (ڪوپ-31) جي تيارين جي سلسلي ۾ رٿيل هيڊز آف ڊيليگيشنز ريٽريٽ …
پاڪستان موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تعميري عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ
شاماخي-24 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تعميري عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت موجب هن اها ڳالهه آذربائيجان جي شهر شاماخي ۾ آئينده گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس (ڪوپ-31) جي تيارين جي سلسلي ۾ رٿيل هيڊز آف ڊيليگيشنز ريٽريٽ ۾ شرڪت ۽ مختلف ملڪن جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتن دوران چئي. ريٽريٽ دوران شريڪ ملڪن جي نمائندن ڪوپ-31 جي ترجيحن، ايجنڊا ۽ اهم معاملنت ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ريٽريٽ آئينده گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ڪوپ-31 جي تيارين جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو ويو، جيڪو نومبر 2026ع ۾ ترڪيه جي شهر انطاليه ۾ منعقد ٿيندي. ريٽريٽ جي موقعي تي وفاقي وزير آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير يلچن رفييف، ترڪيه جي ماحوليات بابت وزير، شهري آبادڪاري ۽ موسمياتي تبديلي فاطمه ورنڪ ۽ ڪينيا جي ماحوليات واري وزارت، موسمياتي تبديلي ۽ ٻيلي کاتي جي ڪابينه سيڪريٽري ڊاڪٽر ڊيبورا ايم بااسا سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪيون. ڪينيا جي وفد سان ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ مارگله هلز نيشنل پارڪ لاءِ هڪ نئين ويزن جي جوڙجڪ ۽ اسلام آباد وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ جي نئين سر فعاليت جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ نيروبي نيشنل پارڪ جي تجربي ۽ ماڊل مان فائدو کڻڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جنگلي جيوت ۽ محفوظ علائقن جي انتظام ۽ تحفظ جي شعبن ۾ اداره جاتي سهڪار ۽ بهترين عالمي طريقيڪار مان فائدو کڻڻ لاءِ ايم او يو طرف اڳڀرائيءَ تي اتفاق ڪيو. آذربائيجان جي پرڏيهي نائب وزير مسٽر يلچن رفييف سان ملاقات ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي سفارتڪاري جي مستقبل ۽ ڪوپ-31 جي ايجنڊا جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفان گڏيل سهڪار ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي فورمز تي موسمياتي معاملن جي حوالي سان سهڪار کي وڌيڪ بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير، وزيراعظم پاڪستان طرفان آذربائيجان جي صدر ۽ خاتونِ اول لاءِ نيڪ خواهشن ۽ مبارڪن وارا جذبا پهچايا. آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير به پاڪستان جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ترڪيه جي ماحوليات بابت نائب وزير، شهري آبادڪاري ۽ موسمياتي تبديلي فاطمه ورنڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موسمياتي قدمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.












