اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عالمي توانائي ڪمپنين جي نمائندن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پاڪستان جي توانائي ۽ اهم معدنيات (ڪريٽيڪل منرلز) جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير سان مورگن هيوز انرجي جي صدر گريگوري بلوم ۽ تيجاره ڪيپيٽل جي سي اي او احمد …
پيٽروليم واري وفاقي وزير سان عالمي توانائي ڪمپنين جي نمائندن جون ملاقاتون
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عالمي توانائي ڪمپنين جي نمائندن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پاڪستان جي توانائي ۽ اهم معدنيات (ڪريٽيڪل منرلز) جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير سان مورگن هيوز انرجي جي صدر گريگوري بلوم ۽ تيجاره ڪيپيٽل جي سي اي او احمد وليد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي ۽ ڪريٽيڪل منرلز جي شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گريگوري بلوم چيو ته بلوچستان ۾ اهم معدنيات جا وڏا موقعا موجود آهن. مورگن هيوز انرجي ۽ تيجاره ڪيپيٽل گڏيل طور تي معدنيات جي رٿائن تي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي موجوده فيلڊز جي پيداوار وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وفاقي وزير ڪمپنين جي دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت مقامي توانائي جي پيداوار وڌائڻ ۽ ذميداراڻي عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. ٻي ملاقات ۾ ويٽول ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو ڪيرن ڪيرن گالاگر ۽ سندس ٽيم وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي پيٽروليم شعبي ۾ جاري سهڪار جو جائزو ورتو ويو. علي پرويز ملڪ گوادر ۾ ويٽول جي بنڪرنگ آپريشنز جي ڪامياب شروعات تي وڌايون پيش ڪيون ۽ ڪمپنيءَ طرفان هاءِ سلفر فيول آئل (ايڇ ايس ايف او) کي ويري لوسلفر فيول آئل ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويزن جي آجيان ڪندي منصوبي لاءِ حڪومتي سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ حڪومت جي نئين بانڊڊ اسٽوريج پاليسيءَ تحت دستياب موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت ويٽول سميت عالمي توانائي ڪمپنين سان بانڊڊ اسٽوريج انفراسٽڪچر جي قيام تي ڳالهيون ڪيون ته جيئن توانائيءَ جي رسدي صلاحيت مضبوط بڻائي سگهجي، اسٽريجڪ ذخيره سازي ۾ واڌ ٿئي ۽ وڌيڪ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهجي. ٻنهي ملاقاتن ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان عالمي توانائي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، توانائيءَ جي شعبن ۾ ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي.












