انڊس راس ايڪسپو 2026ع انتهائي ڪامياب رهيو، پاڪستان جي معيشت جو مستقبل اي آءِ، روبوٽڪس ۽ آٽوميشن سان واڳيل آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انڊس راس ايڪسپو 2026ع ڪامياب رهيو، عالمي معيشت ۾ چٽاڀيٽي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي روايتي صنعتن کي جديد آٽوميشن، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس ۽ پاڻڀرو نظامن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جمعي تي راس (روبوٽڪس ۽ پاڻڀرو نظامن) ايڪسپو 2026ع جي پڄاڻيءَ تي پنهنجن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انڊس راس ايڪسپو 2026ع ڪامياب رهيو، عالمي معيشت ۾ چٽاڀيٽي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي روايتي صنعتن کي جديد آٽوميشن، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس ۽ پاڻڀرو نظامن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جمعي تي راس (روبوٽڪس ۽ پاڻڀرو نظامن) ايڪسپو 2026ع جي پڄاڻيءَ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. هن چيو ته انڊس راس ايڪسپو انتهائي ڪامياب رهيو، جنهن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. هن انتظام سنڀاليندڙ، شرڪت ڪندڙن، صنعتي ادارن، يونيورسٽين، ميڊيا ۽ سمورن معاون ادارن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته دنيا تيزيءَ سان صنعتي معيشت مان ناليج اڪانومي طرف منتقل ٿي رهي آهي، جتي مصنوعي ذهانت، بلاڪ چين، روبوٽڪس، پاڻڀرو نظام ۽ ٻيون جديد ٽيڪنالاجيز ترقيءَ جو بنيادي ذريعو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي معيشت کي مستقبل جي گهرجن موجب مضبوط بڻائڻ آهي ته صرف ٽيڪسن ۾ گهٽتائي يا بجلي سستي ڪرڻ ڪافي نه هوندو، پر قومي صنعت کي جديد آٽوميشن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ هاڻ اهڙيون فيڪٽريون قائم ٿي رهيون آهن، جتي روبوٽس ۽ پاڻڀرو نظام انساني مداخلت کانسواءِ پيداوار جاري رکي ٿو، تنهنڪري پاڪستان کي به ان رُخ ۾ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ان مقصد لاءِ اوپن انويٽيشن ڏني وئي آهي جنهن جي جواب ۾ 500 کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون، جن مان 54 ڪمپنين ۽ ۽ 10 اسٽارٽ اپس کي پنهنجي شين ۽ ٽيڪنالاجي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ روڊ شوز منعقد ڪيا وڃن ته جيئن صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ادارن کي آٽوميشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت اهڙن سموليٽرز به تيار ڪندي جتي صنعتڪار پنهنجي پيداواري لائينون ۽ ڪاروباري ماڊلز کي آٽوميشن ذريعي آزمائي سگهجي ۽ سيڙپڪاريءَ جي فائدن جو عملي جائزو وٺي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڏينهن واري ايڪسپو دوران روبوٽڪس، پاڻڀرو نظام، دفاعي ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت، صنعتي آٽوميشن ۽ ٻين جديد شعبن بابت ڪيترائي سيمينار، پينل مباحثا، پاليسي ڊائلاگز ۽ تربيتي سيشنن جو بندوبست ڪيو ويو، جن ۾ ماهرن، صنعتڪارن، يونيورسٽين ۽ سرڪاري ادارن ڀرپور شرڪت ڪئي.

مزید خبریں