وفاقي گهرو وزير پاران مستونگ ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير بيان ۾ ڪارروائي دوران 4 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته فورسز وقت تي اثرائتي ڪارروائي ڪندي دشمن …

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير بيان ۾ ڪارروائي دوران 4 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته فورسز وقت تي اثرائتي ڪارروائي ڪندي دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. محسن نقوي واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن امان جي قيام ۽ دهشتگردن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڀرپور ۽ اثرائتيون ڪارروايون جاري رکيون آهن.هن چيو ته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جو ناپاڪ ڳٺ جوڙ ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جو امن تباهه نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پورو ملڪ پنهنجي بهادر ۽ غيرتمند سيڪورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں