وفاقي وزير ڄام ڪمال سان ڪارپٽ مينيو فيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسو سي ايشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپٽ مينيو فيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسو سي ايشن جي وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس علائقائي واپاري رڪاوٽن ۽ عالمي سپلاءِ چين ۾ رنڊڪ وجهڻ سان قالينن جي صنعت کي درپيش ڏکيائين کان آگاهه ڪيو. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير هٿ سان تيار ڪيل قالينن جي ايڪسپورٽ وڌائڻ ۽ …

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپٽ مينيو فيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسو سي ايشن جي وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس علائقائي واپاري رڪاوٽن ۽ عالمي سپلاءِ چين ۾ رنڊڪ وجهڻ سان قالينن جي صنعت کي درپيش ڏکيائين کان آگاهه ڪيو. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير هٿ سان تيار ڪيل قالينن جي ايڪسپورٽ وڌائڻ ۽ عالمي چٽاڀيٽي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي تفصيلي طور ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستاني قالينن جي عالمي منڊي ۾ رسائي ۽ ايڪسپورٽ چٽاڀيٽي وڌائڻ لاءِ پاليسي قدمن جو جائزو به ورتو. وفد علائقائي واپاري رڪاوٽن ۽ عالمي سپلاءِ چين ۾ رنڊڪن سبب درپيش ڏکيائين کان به وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. وفد چيو ته ڪاروبار دوست  ۽ بهتر پاليسي فريم ورڪ ايڪسپورٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي. جام ڪمال خان چيو ته حڪومت شفاف، قائدن تي ٻڌل ۽ سيڙپڪار دوست پاليسن ذريعي ايڪسپورٽ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان واپار ۾ درپيش حقيقي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم ۽ ايڪسپورٽ تي ٻڌل پائدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.

مزید خبریں