اسلام آباد_ 24 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) ڪيسن ۾ اپيلي دائره اختيار بابت اهم تفصيلي فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته نيب (ترميمي) ايڪٽ 2026ع ۽ آئين ۾ 27هين ترميم بعد نيب ڪيسن ۾ ٻي اپيل، ضمانت، سزا جي معطلي ۽ ٻين لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي جو اختيار وفاقي آئيني عدالت (ايف سي سي) کي حاصل آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ هاڻي اهڙن معاملن ۾ …
سپريم ڪورٽ پاران نيب ڪيسن جي دائره اختيار بابت تفصيلي فيصلو جاري

مزید خبریں
اسلام آباد_ 24 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) ڪيسن ۾ اپيلي دائره اختيار بابت اهم تفصيلي فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته نيب (ترميمي) ايڪٽ 2026ع ۽ آئين ۾ 27هين ترميم بعد نيب ڪيسن ۾ ٻي اپيل، ضمانت، سزا جي معطلي ۽ ٻين لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي جو اختيار وفاقي آئيني عدالت (ايف سي سي) کي حاصل آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ هاڻي اهڙن معاملن ۾ اپيلي فورم ناهي رهيو.جسٽس محمد علي مظهر جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن سان گڏ 30 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو. عدالت قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 175 ايف ۽ نيب آرڊيننس ۾ شامل نئين سيڪشن 32 اي کي گڏائي پڙهڻ سان قانون ساز جي اها نيت واضح ٿئي ٿي ته احتساب ڪيسن ۾ اپيلي فورم طور وفاقي آئيني عدالت کي متعين ڪيو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ضمانت، سزا جي معطلي، نظرثاني ۽ ٻيون عبوري نوعيت جون درخواستون اصل اپيلي اختيار سان واڳيل ضمني اختيار آهن، ان لاءِ جڏهن مرڪزي اپيل ٻڌڻ جو اختيار وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ته سپريم ڪورٽ انهن ضمني معاملن ۾ به مداخلت نٿي ڪري سگهي. عدالت قرار ڏنو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 175 تحت ڪابه عدالت رڳو اهو اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي جيڪو آئين يا قانون ان کي ذميواري ڏي. قانون ۾ واضح ترميم بعد سپريم ڪورٽ لاءِ نيب ڪيسن ۾ اپيلي اختيار برقرار رکڻ ممڪن ناهي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قومي احتساب آرڊينس جي سيڪشن 32 اي تحت ٻي اپيل جو حق مستقل ۽ قانوني حق آهي جيڪو سڌيءَ ريت وفاقي آئيني عدالت ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي رڳو طريقيڪار جي تبديلي نه پر هڪ اثرائتو قانوني حق تصور ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته قانون ساڳئي وقت ٻن اپيلي فورمن ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ان لاءِ اهو ممڪن ناهي ته ضمانت جون درخواستون سپريم ڪورٽ ٻڌي جڏهن ته ان ئي ڪيس جي اپيل وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجي. عدالت قرار ڏنو ته قانون فورم شاپنگ جي همٿ افزائي نٿو ڪري ۽ هن عدالت جو فيصلو به رڳو ان قانوني فورم کي مضبوط ڪري ٿو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي آهي ته معاملي بابت هڪ ئي وقت ٻن مختلف اپيلي فورمن ۾ درخواستون ۽ ڪارروايون وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيون وڃن، جيئن انهن کي قانون موجب مناسب نموني اڪلائي سگهجي.











