راولپنڊي - 23 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مسلسل ڪوششون، عوام جي اڻٿڪ حمايت سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون، پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي اتحاد، حوصلي ۽ ثابت قدمي سان بلوچستان ۾ تشدد کي هوا …
سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مسلسل ڪوششون عوام جي اڻٿڪ حمايت سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي – 23 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مسلسل ڪوششون، عوام جي اڻٿڪ حمايت سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون، پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي اتحاد، حوصلي ۽ ثابت قدمي سان بلوچستان ۾ تشدد کي هوا ڏيڻ، استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻاهرئين حمايت يافته عنصرن جي ڪڌي ارادن کي مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏئي ناڪام بڻائيندي. خميس ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 20هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مسلسل ڪوششون عوام جي اڻٿڪ حمايت سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف هدف تي ٻڌل ڪارروايون پوري قوت ۽ عزم سان جاري رهنديون، ايستائين جو دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جو پاڪستان مان مڪمل خاتمو ڪيو وڃي. هن ان ڳالهه جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته جتي به دهشتگردن جو بنيادي ڍانچو ملڪ ۽ ان جي عوام جي لاءِ خطرو بڻجندو، پاڪستان ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم تي قائم رهندو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ عنصر مسلسل بلوچستان ۾ تشدد کي هوا ڏيڻ، استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي اتحاد، حوصلي ۽ ثابت قدمي سان انهن ڪڌي ارادن کي مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏئي ناڪام بڻائيندي. ڳالهه ٻولهه دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان کي پاڪستان جو فخر قرار ڏيندي چيو ته اهو صوبو بي پناهه قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ هتان جي باهمت، محنتي ۽ محب وطن عوام ان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ترقياتي منصوبن جو مقصد عوام دوست ۽ جامع حڪمت عملي جي ذريعي بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز قومي يڪجهتي جي فروغ ۽ بلوچستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سول سوسائٽي، تعليمي ادارن، ميڊيا ۽ نوجوانن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن ملڪ جي روشن مستقبل جي تعمير جي لاءِ قومي اتحاد، استقامت ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ويهڪ جي پڄاڻي سوال ۽ جواب جي سيشن تي ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي استحڪام، ترقي، خودمختياري ۽ بلوچستان جي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.









