اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساليانو آءِ ٽي روانگي واپار 21 سيڪڙو اضافي سان 4.6 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچڻ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو حڪومت جي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاليسين جو ثمر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت …
آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو حڪومت جي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاليسين جو ثمر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساليانو آءِ ٽي روانگي واپار 21 سيڪڙو اضافي سان 4.6 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچڻ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو حڪومت جي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاليسين جو ثمر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس خميس ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جو ساليانو آءِ ٽي روانگي واپار 21 سيڪڙو اضافي سان 4.6 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچڻ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ سموري ٽيم جي واکاڻ ڪندي چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو حڪومت جي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاليسين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جو فروغ ۽ آءِ ٽي بابت روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيتي ڪورسز جي معتبر ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت جي معيار تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته موبائيل اسپيڪٽرم جي دستيابي جون 2025ع ۾ 274 ميگا هرٽز کان وڌي جون 2026ع ۾ 880 ميگا هرٽز ٿي وئي جنهن سان انٽرنيٽ جي رفتار ۽ ڪنيڪٽيويٽي ۾ نمايان بهتري ايندي. وزيراعظم کي “ڪنيڪٽ پاڪستان ويزن 2030ع” جاري ڪرڻ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته باغ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ مڪمل ٿي چڪو آهي. بريفنگ موجب پاڪستان ۾ سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جو تناسب 2024ع ۾ 62 سيڪڙو کان وڌي جون 2026ع ۾ 72 سيڪڙو ٿي ويو. جون 2026ع تائين 5.1 ملين گهرن ۾ فڪسڊ براڊ بينڊ/ فائبر ڪنيڪشن ڏنا ويا. حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل مالي سال آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ فري لانسرز جو حصو 1164.7 ملين ڊالر رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل نيشن پاڪستان تحت پاڪستان حڪومت جي 130 سروسز کي ڊيجيٽائيز ڪيو ويو آهي. گذريل مالي سال آءِ ٽي جي شعبي ۾ 942646 تربيتي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويا جن ۾ 5053 هاءِ اينڊ تربيتي پروگرامز جڏهن ته ليڊرشپ ۽ سافٽ اسڪلز جي 2700 ٽريننگز جو انعقاد ٿيو. بريفنگ موجب وومين انوويشن اينڊ اسٽارٽ اپ ايمپاورمنٽ ليب جي منصوبي جو افتتاح جلد ٿيندو. چيني ڪمپني علي بابا سان مفاهمتي يادداشت تحت وفاقي حڪومت جي ڪيترين ئي وزارتن ۽ ادارن ۾ مصنوعي ذهانت جو لاڳو ۽ ان حوالي سان ڪيترائي منصوبا ۽ تربيتي سيشنز منعقد ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن، ريلوي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف روينيو، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي، قومي غذائي تحفظ واري وزارت، سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان سنگل ونڊو، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان، پاڪستان پوسٽ، وفاقي ترقياتي اداري، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۾ علي بابا مصنوعي ذهانت جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪم واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.










