منيلا - 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عالمي برادري ۽ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) تي زور ڀريو آهي ته اهي خطي جي بنيادي تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت ڪن، ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ۽ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جو فيصلو ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جا بنيادي سبب …
ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ۽ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جو فيصلو ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جا بنيادي سبب آهن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو اي آر ايف جي 33 هين وزارتي اجلاس کي خطاب

مزید خبریں
منيلا – 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عالمي برادري ۽ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) تي زور ڀريو آهي ته اهي خطي جي بنيادي تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت ڪن، ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ۽ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جو فيصلو ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جا بنيادي سبب آهن. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار خميس ڏينهن هتي اي آر ايف جي 33هين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن عالمي برادري ۽ علائقائي سلامتي کي درپيش 8 وڏن چئلينجن جو ذڪر ڪيو جن ۾ ڏکڻ ايشيا جو استحڪام، نار جي صورتحال، غزه، دهشتگردي جو خاتمو، افغانستان، يوڪرين، ڏکڻ بحيره چين ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن. هن اجلاس کي ٻڌايو ته پراڻي تڪرارن خاص طور تي ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي حل نه ڪرڻ سان علائقائي استحڪام کي سنگين خطرا آهن. هن گڏيل قومن جي منشور، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. محمد اسحاق ڊار ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جي فيصلي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو ته پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڪوشش عالمي ذميوارين جي خلاف ورزي آهي ۽ ان سان پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي زندگي ۽ روزگار کي خطرو آهي. هن چيو ته اسان ان سنگين ۽ اشتعال انگيز صورتحال کي نظرانداز ڪرڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اچو اسان سڀ امن ۽ استحڪام جا معمار بڻجون ۽ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن عالمي برادري خاص طور تي اي آر ايف جي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي ان غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو نوٽيس وٺن ۽ عالمي قانون جي پاسداري کي يقيني بڻائين. نار جي صورتحال تي ڳالهائيندي نائب وزيراعظم چيو ته خطي جي تازي صورتحال پوري دنيا کي متاثر ڪيو آهي. هن امن قائم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو ورجاءُ ڪندي اسلام آباد جي سفارتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جن ۾ جنگبندي قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ اعلى سطحي ڳالهه ٻولهه جو انعقاد شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون. محمد اسحاق ڊار پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ تي آمريڪا، ايران، نار ملڪن ۽ عالمي حصيدارن جا ٿورا ادا ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪن، تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ ڳالهه ٻولهه جي حمايت ڪن ته جيئن علائقائي استحڪام، آبنائي هرمز جي بحالي ۽ عالمي ساموندي اچ وڃ جي بنا شرط جي بحالي کي يقيني بڻائي سگهجي. والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني بحران جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن جي شديد مذمت ڪئي ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي طور تي ٺوس فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. عالمي دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان هن پاڪستان جي بي مثال قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو. هن افغان طالبان حڪومت تي زور ڏنو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته افغان سرزمين کي تحريڪ طالبان پاڪستان (فتنه الخوارج) ۽ ان سان واڳيل گروهن سميت ڪنهن به دهشتگرد تنظيم پاران پاڙيسري ملڪن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته انهن واعدن جي تڪميل سان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. ٻين عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم يوڪرين ۽ ڏکڻ بحيره چين جي تڪرارن جي سفارتي حل جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ون چائنا پاليسي تي پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. هن موسمياتي تبديلين جي حوالي سان چيو ته عالمي ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود ملڪ موسمياتي تبديلين کان شديد متاثر آهي، تنهن ڪري گڏيل پر مختلف ذميوارين جي اصول تحت عالمي تعاون لازمي آهي. نائب وزيراعظم منيلا پلان آف ايڪشن 2026ع جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ ميزبان ملڪ فلپائن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان معاهدو دوستي ۽ تعاون جي بنيادي اصولن ۽ آسيان ريجنل فورم جي اتفاق راءِ تي ٻڌل ويزن سان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان آسيان جي اتفاق راءِ تي ٻڌل طرز عمل کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، سائبر سيڪيورٽي، موسمياتي تبديلي، غذائي ۽ توانائي تحفظ، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ عوامي صحت جي تياري جهڙن روايتي ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط تعاون جو حامي آهي. هن چيو ته آسيان ريجنل فورم کي ڳالهه ٻولهه، عملي تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي درپيش بدلجندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ گهرجي.










