اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ايمنسٽي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ۾ افغانستان ۾ پاڪستاني فوجي ڪاررواين بابت لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اها دعوى ڪنهن معتبر ثبوت کانسواءِ ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ افغان سرزمين تان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي بنيادي سبب کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي …
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ۾ افغانستان ۾ پاڪستاني فوجي ڪاررواين بابت لڳايل الزام ڪنهن معتبر ثبوت کانسواءِ هنيا ويا آهن، انهن کي رد ڪريون ٿا: پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي جي پريس بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ايمنسٽي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ۾ افغانستان ۾ پاڪستاني فوجي ڪاررواين بابت لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اها دعوى ڪنهن معتبر ثبوت کانسواءِ ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ افغان سرزمين تان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي بنيادي سبب کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان رپورٽ ۾ هنيل الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان پاران ڪئي ويندڙ هر فوجي ڪارروائي عالمي قانون موجب پنهنجي دفاع جي حق جي استعمال تحت ڪئي وئي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ ٻيا واڳيل دهشتگرد گروهه طالبان انتظاميا تحت افغانستان ۾ محفوظ ٺڪاڻا رکن ٿا جتان اهي پاڪستان جي خلاف سرحد پار دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ۽ ڪارروايون ڪن ٿا. ترجمان چيو ته افغان سرزمين تان منصوبابندي ۽ معاونت حاصل ڪندڙ دهشتگرد حملن ۾ هزارين پاڪستاني جانيون وڃائي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان جون ڪارروايون رڳو دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي لاجسٽڪ مرڪزن کي نشانو بڻائڻ تائين محدود رهيون آهن جن ۾ احتياط ۽ متناسب طاقت جي استعمال جي اصولن جو مڪمل خيال رکيو ويو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها خطي ۾ عدم استحڪام جي اصل سبب جو نوٽيس وٺي. هن ايمنسٽي انٽرنيشنل کان مطالبو ڪيو ته اها افغان طالبان پاران دهشتگرد گروهن جي مسلسل سرپرستي جو پڻ جائزو وٺي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ دوحه معاهدي تحت طالبان حڪومت جي ذميوارين جو احتساب ڪري. ترجمان يمن جي حوثي مليشيا پاران سعودي عرب ۽ بحيره احمر ۾ واپاري سامونڊي جهازن جي خلاف تازين ڌمڪين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاڪستاني جهنڊي بردار سامونڊي جهازن يا ملڪ جي سامونڊي مفادن جي خلاف ڪنهن به جارحاڻي قدم کي قومي سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو تصور ڪري ٿو ۽ عالمي قانون موجب پنهنجي دفاع ۾ سمورن ضروري قدمن جو حق محفوظ رکي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستاني مفادن تي ڪنهن به حملي کي پاڪستان تي حملو تصور ڪيو ويندو جنهن جو مناسب جواب ڏنو ويندو. ترجمان سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڪوششن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري رهيو آهي. ان ڏس ۾ هن ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جي پاڪستان جي تازي دوري جو حوالو ڏنو جنهن دوران هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، گهرو وزير ۽ پاڪستان جي عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته پاڪستان علائقائي حصيدارن سان پڻ فعال سفارتي رابطا جاري رکيا آهن. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ ٿيندڙ اجلاسن جي موقعي تي ڪويت، مصر، اومان ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، علائقائي استحڪام، سامونڊي سلامتي ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پڻ ڪندو جتي هو ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ علائقائي امن، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪئناڊا سان ٻطرفي لاڳاپن بابت ترجمان چيو ته ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جو پاڪستان جو دورو گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ اهڙي نوعيت جو پهريون دورو هو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تعاون، علائقائي معاملن ۽ عوامي رابطن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يورپي ڪميشن جي جي ايس پي پلس نگراني بابت تازي رپورٽ تي هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان پاڪستان جي قانونسازي ۾ اڳڀرائي ۽ جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت 27 عالمي معاهدن تي مسلسل عملدرآمد جي اعتراف جي آجيان ڪئي جڏهن ته هن رپورٽ جي مجموعي بيانيي تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته ان ۾ 2014ع ۾ جي ايس پي پلس اسڪيم ۾ شموليت کانپوءِ پاڪستان جي ڪاميابين جو متوازن جائزو پيش نه ڪيو ويو. هن چيو ته جي ايس پي پلس يورپي يونين سان پاڪستان جي اقتصادي حصيداري جو اهم ٿنڀ آهي جيڪو روانگي واپار، روزگار، عورتن جي معاشي شموليت ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيو آهي. هن عالمي ذميوارين تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. افغانستان جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان قانوني ذريعن سان افغان شهرين جي سهولت لاءِ پرعزم آهي ۽ هيستائين 90 هزار کان وڌيڪ افغان شهرين کي ٽئين ملڪ منتقل ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪري چڪو آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان ۾ رهڻ جي لاءِ افغان شهرين وٽ قانوني دستاويز هجڻ ضروري آهن ۽ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهو ملڪي قانونن موجب بي دخلي جي عمل سان مشروط هوندا جڏهن ته هن چيو ته سلامتي جي خدشن جي باوجود پاڪستان عام افغان شهرين جي خلاف ڪنهن به قسم جي نفرت يا منفي تاثر کي رد ڪري ٿو. ترجمان فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسلام آباد امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ اسلامي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ عالمي قانون موجب هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جاري رکندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف پنهنجو آواز اٿاريندو رهندو. هن ڀارت جي سزا يافته جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته هو پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي سرگرمين جو واضح ثبوت آهي.










