اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ سرگرم ملڪ دشمن عنصرن جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندس گين مين …
صدر پاران مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي فائرنگ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ سرگرم ملڪ دشمن عنصرن جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندس گين مين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن زخمي جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ سرگرم ملڪ دشمن عنصرن جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. صدر چيو ته دهشتگرد عنصر ۽ انهن جا سهولتڪار پاڪستان جي امن ۽ رياستي ادارن جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.










