سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران فلم “بلهيا” جو نالو تبديل ڪري اعتراض جوڳا ڊائيلاگ هذف ڪرڻ، پيڪا بابت ڪيسن، صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ، علائقائي اخبارن جي اشتهاري ڪوٽا ۽ ريڊيو پاڪستان جي پينشنرز جي مسئلن بابت سفارشون

اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فلم “بلهيا” جي حوالي سان اهم سفارشون منظور ڪندي پروڊيوسرز کي فلم جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳا ڊائيلاگ هذف ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڪميٽي پيڪا بابت ڪيسن، صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ، علائقائي اخبارن جي اشتهاري ڪوٽا ۽ ريڊيو پاڪستان جي پينشنرز جي مسئلن تي پڻ لاڳاپيل ادارن کي ضروري سفارشون …

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فلم “بلهيا” جي حوالي سان اهم سفارشون منظور ڪندي پروڊيوسرز کي فلم جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳا ڊائيلاگ هذف ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڪميٽي پيڪا بابت ڪيسن، صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ، علائقائي اخبارن جي اشتهاري ڪوٽا ۽ ريڊيو پاڪستان جي پينشنرز جي مسئلن تي پڻ لاڳاپيل ادارن کي ضروري سفارشون جاري ڪيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن هتي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڪميٽي جي وقتي چيئرمين سينيٽر سرمد علي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو جن ۾ فلم “بلهيا” ۾ حضرت بابا بلهي شاهه رحه جي نالي ۽ تعليم جي مبينا غلط انداز ۾ پيشڪش، پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيمز ايڪٽ (پيڪا) تحت نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽي گيشن ايجنسي پاران جاري ڪيل نوٽيسز، پيڪا بابت ڪيسن جي اين سي سي آءِ ايکي منتقلي، صحافين جي لاءِ پلاٽن جي الاٽمينٽ، علائقائي اخبارن جي اشتهاري ڪوٽا ۽ ريڊيو پاڪستان جي پينشنرز کي درپيش مسئلا شامل هئا. اجلاس دوران نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽي گيشن ايجنسي ڪميٽي کي سوشل ميڊيا بابت انگ اکر ۽ ميڊيا پاران قابل اعتراض مواد هٽائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اين سي سي آءِ اي جي عملدارن وضاحت ڪئي ته ان کان اڳ ڪميٽي سان شيئر ڪيل انگ اکر ميٽا جي عوامي طور تي دستياب  ڊيٽا تي ٻڌل هئا. ڪميٽي ان وضاحت کي قبول ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ذميواراڻي رپورٽنگ سدائين تصديق ٿيل حقيقتن جي بنياد هجڻ گهرجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي صوبائي ادارن کان پيڪا جا ڪيس اين سي سي آءِ اي کي منتقل ڪرڻ جي معاملي جو پڻ جائزو ورتو. عملدارن آگاهه ڪيو ته رڳو سنڌ مان هيستائين 9 ڪيس اين سي سي آءِ اي کي منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي ڪيسن جي منتقلي جو عمل جاري آهي. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ سينيٽر سرمد علي هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل صوبائي عملدارن کي خط لکيا وڃن ته جيئن التوا هيٺ ڪيسن جي منتقلي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. گڏوگڏ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جون سفارسون ۽ رپورٽ پڻ عملدرآمد جي لاءِ موڪلي وڃي. اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اخباري ڪالم نگار کي مبينا تڪراري ريمارڪس تي جاري ڪيل نوٽيس جو پڻ جائزو ورتو. اين سي سي آءِ اي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڄاڻايل نوٽيس پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس آفيسرز ايسوسيئيشن جي صدر پاران مليل شڪايت کانپوءِ رڳو ڪالم نگار جو موقف ڄاڻڻ جي لاءِ جاري ڪيو ويو هو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان معاملي ۾ پيڪا تحت ڪا ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي وئي، ڪالم نگار اڃا تائين نوٽيس جو جواب ناهي ڏنو جڏهن ته لاڳاپيل مضمون اخبار جي اي پيپر تان هٽايو ويو آهي جڏهن ته اهو اڃا به ڪالم نگار جي فيس بڪ صفحي تي موجود آهي. اجلاس دوران ڪميٽي ميمبرن پارليامينٽ ۾ حڪومت پاران ڏنل ان خاطري جو ورجاءُ ڪيو ته پيڪا قانون کي اخبارن  ٽيلي ويزن جي ويب سائيٽس يا ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي خلاف استعمال نه ڪيو ويندو ڇو ته ان جي مواد جي نگراني ترتيبوار پريس ڪائونسل آف پاڪستان ۽ پيمرا ڪن ٿا. سينيٽر پرويز رشيد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حقيقتون سامهون آڻڻ جي لاءِ ڪالم نگار کان نوٽيس جو جواب طلب ڪرڻ گهرجي. ڪميٽي متفقه طور تي قرار ڏنو ته هر ماڻهو جي وقار ۽ حرمت جو احترام يقيني بڻائڻ گهرجي. گڏيل مشاورت کانپوءِ وقتي چيئرمين اين سي سي آءِ اي کي هدايت ڪئي ته شڪايت ۽ شڪايت ڪندڙ ٻنهي جو معاملو پريس ڪائونسل آف پاڪستان ڏانهن موڪليو وڃي ڇو ته شايع ٿيل ڪالم جو جائزو وٺڻ ۽ ان تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ اهو ئي مناسب فورم آهي. ڪميٽي فلم “بلهيا”  ۾ حضرت بابا بلهي شاهه رحه جي امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي پيغام جي مبينا غلط تشريح جو پڻ سخت نوٽيس ورتو. ڪميٽي قرار ڏنو ته فلم ۾ مرڪزي ڪردار جي ذريعي حضرت بابا بلهي شاهه رحه جي پرامن تعليم کي تشدد ۽ هٿيارن سان ڳنڍي ان جي حقيقي پيغام کي مسخ ڪيو ويو آهي. ميمبرن سوال اٿاريو ته سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز ڪهڙي بنياد تي ان فلم جي منظوري ڏني. سينسر بورڊ جي چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته فلم کي پنجاب ۽ سنڌ جي سينسر بورڊز پڻ ڪليئر ڪيو آهي جڏهن ته ڪميٽي ان جواز کي رد ڪري ڇڏيو. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي سفارش ڪئي ته فلم “بلهيا” جي پروڊيوسرز کي فلم جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ اهي قابل اعتراض ڊائيلاگ هذف ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار پاڻ کي حضرت بابا بلهي شاهه رحه سان تشبيهه ڏني آهي. ڪميٽي واضح ڪيو ته جيڪڏهن انهن سفارسن تي عمل نه ڪيو ويو ته فلم جي نمائش روڪي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي يوٽيوب تان پڻ هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ فليٽس ۽ پلاٽس جي الاٽمينٽ جي معاملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ميڊيا ورڪرز جي ڪوٽا تحت الاٽمينٽ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته صحافين جي ڪوٽا بابت معاملا اڃا تائين حل طلب آهن. ان ڊگهي دير تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪميٽي پنهنجي سفارشن تي عملدرآمد جي نگراني ۽ مسئلي جي حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سينيٽر سرمد علي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته صحافين جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جو هڪ هفتي جي اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته جيئن ان معاملي جو جائزو وٺي سگهجي ۽ هڪ مهيني جي اندر موجوده پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪميٽي مستقبل جي هائوسنگ اسڪيمن ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مخصوص ڪوٽا ۾ اضافو ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي جڏهن ته صحافين جي لاءِ خوصي هائوسنگ لون اسڪيم متعارف ڪرائڻ يا وفاقي حڪومت جي موجوده هائوسنگ فنانس سهولتن ۾ انهن کي ترجيح ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران ڪميٽي کي علائقائي اخبارن جي لاءِ مخصوص اشتهاري ڪوٽا تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. عملدارن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت سرڪاري اشتهارن جو 25 سيڪڙو حصو علائقائي اخبارن جي لاءِ مخصوص آهي جڏهن ته ڪميٽي ميمبرن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان کان ان پاليسي تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت ملندڙ شڪايتن جو ذڪر ڪيو. وقتي چيئرمين پي آءِ ڊي کي هدايت ڪئي ته 25 سيڪڙو اشتهاري ڪوٽا تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ علائقائي زبانن جي اخبارن کي پڻ ان شامل رکيو وڃي ته جيئن عوام تائين معلومات جي موثر فراهمي ۾ انهن جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ريڊيو پاڪستان جي پينشنرز کي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پينشنرز جا 353 ڪميوٽيشن ڪيسز اڃا تائين التوا هيٺ آهن جڏهن ته ريڊيو پاڪستان اڃان به وفاقي حڪومت جي گرانٽ اِن ايڊ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. عملدارن وڌيڪ آگاهه ڪيو ته وزيراعظم اڳ ۾ ئي ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) بابت التوا هيٺ مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي چڪو آهي. وقتي چيئرمين سينيٽر سرمد علي هدايت ڪئي ته ريڊيو پاڪستان جي پينشنرز جون شڪايتون پڻ وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي آڏو پيش ڪيون وڃن ۽ ان معاملي جي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ سينيٽر عبدالشڪور، سينيٽر سيد وقار مهدي، سينيٽر پرويز رشيد ۽ سينيٽر جان محمد پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں