اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جنسون ذخيرو ڪرڻ جي مرڪزن کي جديد بڻائڻ جي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس حصيداري سان ٻنهي ملڪن جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هو چيني ڪمپني فيمسن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيڪ چين سان ڳالهائي رهيو هو جنهن خميس ڏينهن هتي وفد سان گڏ ساڻس ملاقات …
وزيراعظم پاران جنسون ذخيرو ڪرڻ جي مرڪزن کي جديد بڻائڻ جي منصوبي جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جنسون ذخيرو ڪرڻ جي مرڪزن کي جديد بڻائڻ جي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس حصيداري سان ٻنهي ملڪن جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هو چيني ڪمپني فيمسن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيڪ چين سان ڳالهائي رهيو هو جنهن خميس ڏينهن هتي وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين مثالي دوست آهن جن جي وچ ۾ معاشي حصيداري ۽ دوستاڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس حصيداري سان اها دوستي وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم چيني ڪمپني جو پاڪستان ۾ جنسن جي اسٽوريج جي مرڪزن کي اسٽيٽ آف آرٽ مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو ته ان منصوبي سان ملڪ ۾ زراعت جي شعبي ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي ايندي ۽ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي هنرمند ۽ تربيت يافته افرادي قوت سان انهن منصوبن ۾ فائدو کنيو وڃي. جيڪ چين پاڪستان ۾ شاندار ميزباني تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا ادا ڪندي وزيراعظم سان سندس چين جي تازي دوري دوران پنهنجي ملاقات جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان قابل عمل منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. جيڪ چين چيو ته فيمسن پاڪستان ۾ غذائي تحفظ جي حوالي سان بهتر ذخيرن جي مرڪزن، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيمسن پاڪستان ۾ گرين سائلوز قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڊيمانسٽريشن سينٽر قائم ڪندي، اسٽوريج سينٽرز کي جديد گرين سائلوز ۾ تبديل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ فيمسن ۽ گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. ملاقات ۾ قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. واضح رهي ته فيمسن زراعت، جانورن جي خوراڪ ۽ فوڊ پراسيسنگ جي حوالي سان چين جي وڏين ڪمپنين ۾ شمار ٿئي ٿي.











