وزيراعظم پاران مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي سيشن جج عبدالحڪيم ۽ ان جي گين مين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ مرحومن جي درجن جي بلنديءَ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ …

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي سيشن جج عبدالحڪيم ۽ ان جي گين مين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ مرحومن جي درجن جي بلنديءَ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمي ٿيندڙ جوڊيشل مئجسٽريٽ جج طارق لاشاري ۽ ٻين ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خامي جي لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں