منيلا - 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 33هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم آسيان ۽ اي آر ايف جي ڪامياب صدارت تي فلپائن کي مبارڪباد ڏيندي امن، ڳالهه ٻولهه ۽ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجآءُ ڪيو. عالمي سطح تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 33هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت

مزید خبریں
منيلا – 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 33هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم آسيان ۽ اي آر ايف جي ڪامياب صدارت تي فلپائن کي مبارڪباد ڏيندي امن، ڳالهه ٻولهه ۽ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجآءُ ڪيو. عالمي سطح تي وڌندڙ غيريقيني واري صورتحال جي ڏس ۾ هن چيو ته پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ئي واحد پائيدار رستو آهي. وزارتي اجلاس دوران نائب وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ دوران ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل تي آهي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته سنڌ طاس معاهدي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي بنيادي ٿنڀ جي طور تي برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي.











