منيلا - 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 33هين اجلاس ۾ ڪامياب شرڪت کانپوءِ منيلا کان ڪرغز جمهوريه جي شهر چولپون آتا روانو ٿي ويو جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم منيلا جي دوري دوران شاندار ميزباني تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا کان ڪرغز جمهوريه جي شهر چولپون آتا روانو

مزید خبریں
منيلا – 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 33هين اجلاس ۾ ڪامياب شرڪت کانپوءِ منيلا کان ڪرغز جمهوريه جي شهر چولپون آتا روانو ٿي ويو جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم منيلا جي دوري دوران شاندار ميزباني تي فلپائن حڪومت ۽ آسيان ريجنل فورم جا ٿورا ادا ڪيا. نائب وزيراعظم 23 کان 24 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس جي موقعي تي هو شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.











