ايران جي صدر پاران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور

تهران-23 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڪيورٽيءَ سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان هٿي ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته موجوده سهڪار ٻنهي ملڪن جي ڀرپور صلاحيت جي مڪمل عڪاسي نٿو ڪري. تهران ۾ مقرر پاڪستان جي نئين سفير عمران احمد صديقي جي سفارتي سَند قبول ڪندي ايراني صدر چيو …

تهران-23 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڪيورٽيءَ سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان هٿي ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته موجوده سهڪار ٻنهي ملڪن جي ڀرپور صلاحيت جي مڪمل عڪاسي نٿو ڪري. تهران ۾ مقرر پاڪستان جي نئين سفير عمران احمد صديقي جي سفارتي سَند قبول ڪندي ايراني صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا فقط پاڙيسري ملڪن جي ناتن کان تمام گهڻا گهرا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ناتا مضبوط تاريخي، ثقافتي، مذهبي ۽ ڀائراڻن رشتن تي ٻَڌل آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايران پاڪستان کي هڪ اعتماد جوڳو ڀائيوار ۽ ڀائر ملڪ سمجهي ٿو ۽ ان کي سمورن ايرانين جو ٻيو گهر قرار ڏنو. صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ان يقين جو اظهار ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ٻنهي ملڪن جا ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن تازي علائقائي اڳڀرائيءَ ۾ پاڪستاني قيادت جي فعال ڪردار کي ساراهيندي خاص ڪري وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل طرفان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، جيڪي پاڪستان جي امن ۽ علائقائي استحڪام جي حقيقي عزم جو مظهر آهن. هن چيو ته ان نوعيت جون ڪوششون تهران ۽ اسلام آباد وچ ۾ جاري مشاورت کي ايراني حڪومت ۽ عوام قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ايراني صدر وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير محسن نقوي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ گرمجوشيءَ تي ٻَڌل پيغام جو اظهار پڻ ڪيو. هن پاڪستان جي سفير عمران احمد صديقي کي سندس سفارتي ذميدارين دوران هر ممڪن سرڪاري سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سفير چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا تاريخي يڪجهتيءَ جو هڪ مثال آهن ۽ ٻنهي ملڪن هر ڏُکي گهڙيءَ ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سفير، صدر پزشڪيان طرفان شاندار استقبال تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستاني قيادت طرفان ايراني صدر ۽ ايراني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن ان عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مسلمان اُمت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي مضبوط بنائڻ لاءِ ايران سان ويجهو سهڪار جاري رکندو.

مزید خبریں