واشنگٽن ڊي سي -_23 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ آءِ ايم ايف جي فرسٽ ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڊين ڪٽز، ڊپٽي مينيجمينٽ ڊائريڪٽر نائجل ڪلارڪ، آءِ ايم ايف جي وچ اوڀر ۽ مرڪزي ايشيا جي شعبي جي ڊائريڪٽر جهادازور ۽ پاڪستان لاءِ مشن چيف ايوا پيٽرووا سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال، ايڪسٽينڊڊ فنڊ …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جُون آءِ ايم ايف جي اعلى اختيارين سان الڳ الڳ ملاقاتون

مزید خبریں
واشنگٽن ڊي سي -_23 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ آءِ ايم ايف جي فرسٽ ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڊين ڪٽز، ڊپٽي مينيجمينٽ ڊائريڪٽر نائجل ڪلارڪ، آءِ ايم ايف جي وچ اوڀر ۽ مرڪزي ايشيا جي شعبي جي ڊائريڪٽر جهادازور ۽ پاڪستان لاءِ مشن چيف ايوا پيٽرووا سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال، ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف)، ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي (آر ايس ايف ) ۽ فنڊ تحت جاري پروگرام جي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وزارت مان جاري پريس ريليز مطابق ناڻي واري وزير پاڪستان جي بهتر مالي صورتحال، پرڏيهي معاملن ۾ توازن، ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ، پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن جي مضبوطي، رڪارڊ ترسيلات ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي بهتر صورتحال کي خصوصي طور تي اجاگر ڪيو. ڳالهين دوران ٽيڪس ۽ توانائي جي سڌارن، نجڪاري، ٽيرف ريشنلائيزيشن، قرضن جي انتظام، مالياتي ذريعن ۾ واڌ ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جو احاطو ڪيو ويو. ڌرين هيومن ڪيپيٽل ڊولپمينٽ، عورتن جي معاشي شراڪتداري، آبادي سان لاڳاپيل چئلينجز، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گروٿ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ايڪسپورٽ تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ طرفان پاڪستان ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي جاري رکڻ ۽ فنڊ سان اتفاق ٿيل پروگرام تي عمل پيرا ٿيڻ جو اعتراف ڪرڻ تي انتظاميه جو شڪريه ادا ڪيو. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان مالياتي نظم و ضبط، پاليسي جي ساک کي يقيني بڻائڻ، اسٽرڪچرل سڌارن ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي تبديلي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











