سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ڪارروائي، فتنه الهندستان جا 6 دهشتگرد مارجي ويا، سهولتڪار سميت مرد ۽ عورت آپگهاتي بمبار گرفتار

راولپنڊي-23 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ وقت سر ڪارروائيءَ دوران فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته سهولتڪار سميت مرد ۽ عورت آپگهاتي بمبار گرفتار ڪري ورتا. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز جون مؤثر ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن. دهشتگردن خلاف گهيرو وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. …

راولپنڊي-23 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ وقت سر ڪارروائيءَ دوران فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته سهولتڪار سميت مرد ۽ عورت آپگهاتي بمبار گرفتار ڪري ورتا. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز جون مؤثر ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن. دهشتگردن خلاف گهيرو وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ وقت سر ڪارروائيءَ دوران فتنه الهندستان جا 6 دهشتگرد ماريا ويا. ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائيءَ دوران ڪيترن ئي دهشتگردن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار دهشتگردن ۾ سهولتڪار سميت مرد ۽ عورت آپگهاتي بمبار به شامل آهن. سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر ڪارروائيءَ ۾ دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو. ڪارروائيءَ دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ آيو. آپريشن دوران علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز طرفان مڪمل نگراني برقرار آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ دهشتگردن جي مڪروه ڪاررواين کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن تيز ڪيا ويا. سيڪيورٽي فورسز چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن امان جي قيام تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون مسلسل جاري رهنديون.

مزید خبریں