ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي آمريڪي ايگزم بئنڪ جي صدر ۽ چيئرمين سان ملاقات

 واشنگٽن ڊي سي _ 23 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ايگزم بئنڪ (ايڪسپورٽ - امپورٽ بئنڪ آف يونائيٽيڊ اسٽيٽس) جي صدر ۽ چيئرمين جان جوانووڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊگهي مدي وارن منصوبن …

 واشنگٽن ڊي سي _ 23 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ايگزم بئنڪ (ايڪسپورٽ – امپورٽ بئنڪ آف يونائيٽيڊ اسٽيٽس) جي صدر ۽ چيئرمين جان جوانووڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊگهي مدي وارن منصوبن لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي ۽ ڪاٽن (ڪپهه)، سويابين ۽ هائيڊروڪاربن سميت ڪيترين ئي زرعي جنسن ۾ واپار جي اضافي تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ايگزم بئنڪ طرفان ترجيحي منصوبن جي حوالي سان فريم وڪ جوڙڻ جي تجويز، گهڻ مدي واري ڏي وٺ جي نظام ۽ آمريڪي فنانسنگ، ٽيڪنالاجي ، اوزارن ۽ سروسز کي هٿي ڏيڻ ۾ سهولت ڪاري کي ساراهيو. ڌرين ويجهي مدي جي ٽرانزيڪشنز، فوڪل پرسنز جي مقرري ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ سيپٽمبر 2026ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي باقاعده صحيحون ڪرڻ جي اميد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں