اسلام آباد- 23 جولاءِ(اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ميٽا جي وفد سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب ڊجيٽل معيشت، مصنوعي ذهانت ۽ اي ڪامرس جي شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ميٽا کي پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ شراڪتداري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير هڪ هزار پاڪستاني …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ميٽا جي وفد جي ملاقات، ڊجيٽل معيشت، مصنوعي ذهانت، اي ڪامرس جي شعبن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جولاءِ(اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ميٽا جي وفد سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب ڊجيٽل معيشت، مصنوعي ذهانت ۽ اي ڪامرس جي شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ميٽا کي پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ شراڪتداري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير هڪ هزار پاڪستاني ايس ايم ايز کي اي آءِ ۽ ڊجيٽل بزنس ٽريننگ ڏيڻ واري ميٽا پروگرام جي آجيان ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت اي ڪامرس ۽ مصنوعي ذهانت لاءِ جامع پاليسيون جوڙي رهي آهي. پاڪستاني ڪاروبارن کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻو پوندو. ڄام ڪمال خان چيو ته واپار واري وزارت ميٽا کي چيمبر آف ڪامرس ، واپاري تنظيمن ۽ ڪاروباري ايسوسيئيشن سان رابطن ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. ميٽا پاڪستان ۾ هڪ هزار ايس ايم ايز کي مصنوعي ذهانت ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ آن لائن ڪاروباري مهارتن جي مفت سکيا فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ۽ تيزي سان وڌنڌڙ ڊجيٽل معيشت عالمي ٽيڪنالوجي ڪمپنين لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ميٽا جو ايس ايم اي سکيا پروگرام آگسٽ کان نومبر تائين جاري رهندو جنهن ۾ عورتن، ڪاروباري ماڻهن ۽ ننڍن وڏن شهرين جي ڪاروبارن کي خاص طور تي شامل ڪيو ويندو.











