اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ ذهني صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ذهني صحت جي خدمتن کي مؤثر، رسائيءَ جوڳو ۽شاهدين تي ٻَڌل مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊولپمينٽ جي باني ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد عثمان همداني شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ذهني صحت …
ذهني صحت جي سهولتن کي بنيادي صحت جي نظام جو حصو بڻايو ويندو: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ ذهني صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ذهني صحت جي خدمتن کي مؤثر، رسائيءَ جوڳو ۽شاهدين تي ٻَڌل مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊولپمينٽ جي باني ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد عثمان همداني شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ذهني صحت جي موجوده صورتحال، پيش ايندڙ چئيلنجز ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ذهني صحت جي خدمتن کي بنيادي صحت جي سهولتن ۽ تعليمي نظام ۾ مؤثر انداز سان ضم ڪيو وڃي ته جيئن ذهني بيمارين جي وقت سر سُڃاڻپ، فوري علاج ۽ عوامي سطح تي ذهني صحت کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اين آءِ ايڇ جي سهڪار سان قومي ذهني ڊيٽا ڊيش بورڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڏني ته جيئن شاهدين تي ٻَڌل رٿابندي، مؤثر نگراني ۽ بهتر پاليسي سازيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته صحت جي شعبي سان واڳيل پيشيوراڻن ماڻهن لاءِ ذهني صحت بابت لازمي سرٽيفڪييشن ۽ ڊپلوما پروگرام متعارف ڪرايا وڃن. هن جوائنٽ سيڪريٽري ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽيءَ کي هدايت ڪئي ته سمورن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي ذهني صحت بابت خاص تربيت ڏيڻ لاءِ جامع تجويزون تيار ڪن ۽ ان مقصد لاءِ قانوني ۽ قاعدن ۾ ضروري ترميمن جي سفارش پڻ پيش ڪن. وفاقي وزير ذهني صحت جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ نيشنل مينٽل هيلٿ پاليسيءَ جي جوڙجڪ تي زور ڀريندي چيو ته ورلڊ مينٽل هيلٿ ڊي 2026ع جي تيارين کي تيز ڪيو وڃي ۽ عوامي آگاهي مهم کي مؤثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت ۾ شاهدين تي ٻَڌل، معياري ۽ هر فرد جي پهچ ۾ ذهني صحت جي سهولتن جي فراهميءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻيندي.











