ريلوي واري وفاقي وزير پاران جماعت اسلامي جي اڳواڻ امير العظيم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جماعت اسلامي پاڪستان  جي اڳواڻ امير العظيم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ محمد حنيف عباسي مرحوم امير العظيم جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته امير العظيم منهنجو ڀاءُ …

اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جماعت اسلامي پاڪستان  جي اڳواڻ امير العظيم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ محمد حنيف عباسي مرحوم امير العظيم جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته امير العظيم منهنجو ڀاءُ هو سندس لاڏاڻي تي دلي ڏک ٿيو آهي. مرحوم هڪ مدبر، باوقار ۽ اصول پسند سياسي اڳواڻ هو.  مرحوم جي سياسي، سماجي ۽ قومي خدمتن کي هميشه ياد رکيو  ويندو.

مزید خبریں