اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيزي سان وڌندڙ آبادي کي ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته آبادي جو توازن پائيدار قومي ترقي جي ضمانت آهي. وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم ۽ آبادي جي ڀلائي کي قومي فرض سمجهيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي …
وزيراعظم پاران تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيزي سان وڌندڙ آبادي کي ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته آبادي جو توازن پائيدار قومي ترقي جي ضمانت آهي. وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم ۽ آبادي جي ڀلائي کي قومي فرض سمجهيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ آبادي جي ڀلائي جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي جو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن جو وفاقي وزير احد خان چيما، قومي صحت جي وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادي جي منصوبابندي کي قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ انساني وسيلن جي بهتري سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. آبادي جي ڀلائي جي قدمن بابت صوبن سان رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۾ هڪ موثر عوامي آگاهي مهم جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو اجلاس جلد کان جلد گهُرائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي، آبادي جي ڀلائي ۽ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جي اجلاس جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو اجلاس جلد سڏايو ويندو جنهن ۾ سڀني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ ٻين سڀني لاڳاپيل ادارن جا نمائندا ۽ لاڳاپيل ڌريُون شرڪت ڪنديُون ته جيئن آبادي جي ڀلائي بابت جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي سگهجي. نيشنل پاپوليشن ڪائونسل سيڪريٽريٽ جو آپريٽنگ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، قومي استحڪام منصوبو 35. 2026ع تيار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ آبادي جي وڌندڙ رفتار کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان قومي فريم ورڪ پيش ڪيو ويندو. هن منصوبي تحت آبادي ۾ اضافي جي شرح کي موجُوده 2.55 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2035ع تائين 1.25 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف آهي. آبادي جي استحڪام لاءِ نئين فريم ورڪ تحت، صحت، تعليم، نوجوان آبادي، مزدور افرادي قوت ۾ عورتن جي انگ ۾ اضافي، پيشيوراڻي تربيت ۽ سماجي تحفظ تي ڌيان ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي ڪيترن ئي قدمن کي آبادي جي ڀلائي سان مشروط ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جو آغاز ڪيو ويو آهي.











