سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان آذربائيجان جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اسلام آباد ۾ جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف، الوداعي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ تاريخي، برادراڻي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ سندس غير معمولي خدمتن کي ساراهيو. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي سفير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، پارلياماني، …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اسلام آباد ۾ جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف، الوداعي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ تاريخي، برادراڻي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ سندس غير معمولي خدمتن کي ساراهيو. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي سفير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، پارلياماني، اقتصادي ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس جي ا ڻٿڪ ڪاوشنن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خضر فرهادوف جي فعال سفارتي ڪوششن، گڏيل اعتماد، گڏيل قدم ۽ اهم قومي معاملن تي هڪ ٻئي جي پختي حمايت تي ٻڌل آهي، آذربائيجان دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۾ غير معمولي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي صدر الهام عليويف پاڪستان جي تاريخي دوري ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جي باڪو دورن کي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته ان اعليٰ سطحي ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچايو آهي.