نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات

اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت دوران ساڻس ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ مصر جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مختلف …

اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت دوران ساڻس ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ مصر جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي تعاون ۽ گهڻ رخي فورمز تي گڏيل حصيداري کي فروغ ڏيڻ جا معاملا شامل هئا. وچ اوڀر جي تازي صورتحال جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو، جڏهن ته سمورين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. هنن علائقائي عدم استحڪام جي عالمي سامونڊي واپار، توانائي جي تحفظ ۽ عالمي معيشت تي پوندڙ وسيع تر اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ شهري آباديءَ جي خلاف تشدد ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي آبادڪاري جي سرگرمين کي رد ڪرڻ جي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هنن قاهره ۾ ٿيندڙ ريجنل فورم جي تازي مشاورتي اجلاس تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ امن، استحڪام ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.