ميرپور - 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشميري عوام جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي آواز کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد هر سطح تي جاري رهندي، 27 جولاءِ جون چونڊون ڪشميري عوام جي مستقبل جو فيصلو ڪنديون، ان لاءِ عوام ووٽ جي طاقت سان پنهنجي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي. بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن …
ڪشميري عوام جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي آواز کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد هر سطح تي جاري رهندي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
ميرپور – 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشميري عوام جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي آواز کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد هر سطح تي جاري رهندي، 27 جولاءِ جون چونڊون ڪشميري عوام جي مستقبل جو فيصلو ڪنديون، ان لاءِ عوام ووٽ جي طاقت سان پنهنجي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي. بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار ميرپور ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نفرت، ورڇ ۽ تعصب جي سياست تي يقين نه ٿي رکي پر عوام جي حقن، جمهوريت ۽ برابري جي سياست ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جا فيصلا ڪشمير جي عوام ڪندي ۽ پيپلزپارٽي هر فورم تي ڪشميرين جي حاڪميت جي حق، روزگار جي حق ۽ ملڪيت جي حق جي لاءِ آواز اٿاريندي رهندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته 27 جولاءِ تي ميرپور ڊويزن ووٽ جي طاقت سان تاريخي فيصلو ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري ميرپور ڊويزن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن جا نالا کڻي چيو ته ميرپور جي چئني سيٽن تي پيپلزپارٽي کي ڪامياب بڻايو وڃي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته چوڌري ياسر سلطان کي وڏي ليڊ سان ڪامياب بڻايو ته جيئن اها خبر پوي ته بئريسٽر سلطان محمود جا وارث زندهه آهن، چوڌري قاسم مجيد، صهيب ارشد ۽ افسر شاهد کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪريو ته جيئن عوام جو حقيقي آواز قانونساز اسيمبلي ۾ پهچي سگهي. هن چيو ته گلگت بلتستان کانپوءِ هاڻي آزاد ڪشمير جي عوام به پنهنجي ووٽ سان فيصلو ڪندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ئي عوام جي حقن جي حقيقي محافظ آهي ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ جي صورت ۾ ڪشميري عوام جي حاڪميت جي حق، روزگار جي حق ۽ ملڪيت جي حق جي ايجنڊا کي عملي جامعو پارايو ويندو. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري خطاب جي لاءِ آيو ته جلسي گاهه ۾ موجود عوام سندس شاندار استقبال ڪيو.










