مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس، پاڪستان جي مستقبل جي معيشت کي اڳيان وڌائيندي: شزا فاطمه خواجه

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي، ته پاڪستان روبوٽڪس ۽ مصنوعي ذهانت جي مڪمل ويليو چين جو مالڪ بڻجندو، ڇاڪاڻ ته جديد ٽيڪنالاجي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ هڪ قومي فيصلو آهي ۽ ملڪ هاڻي ان ويزن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ تيار آهي، دفاعي ادارا ۽ صنعتي شعبو گڏجي ڊجيٽل جدت کي هٿي ڏئي رهيو آهي. انهن …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي، ته پاڪستان روبوٽڪس ۽ مصنوعي ذهانت جي مڪمل ويليو چين جو مالڪ بڻجندو، ڇاڪاڻ ته جديد ٽيڪنالاجي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ هڪ قومي فيصلو آهي ۽ ملڪ هاڻي ان ويزن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ تيار آهي، دفاعي ادارا ۽ صنعتي شعبو گڏجي ڊجيٽل جدت کي هٿي ڏئي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اربع تي ٻن ڏينهن واري اِن روبوٽڪس پاڻڀري نظام ايڪسپو 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڏور رس قيادت ۾ حڪومت ڊجيٽل نيشن پاڪستان جي واضح ويزن کي اپنايو آهي. هن چيو ته اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي ٽيڪنالاجي صرف معيشت جو هڪ شعبو نه هجي پر پيداواري صلاحيت، روزگار ۽ قومي چٽاڀيٽي جو اصل محرڪ بڻجي، ڊجيٽل تبديلي هاڻي ڪا چونڊ ناهي پر اڻٽر ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا هاڻي ڊجيٽو دور کان ذهين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، جتي مصنوعي ذهانت حقيقي دنيا جو ححصو بڻجندي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته صرف گذريل ڏينهن وزيراعظم مصنوعي ذهانت سان ليس ۽ شاهدين تي ٻڌل وزيراعظم آفيس سسٽم جو افتتاح ڪيو، جيڪو حڪمراني جي نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻيندو. هن چيو ته پاڪستان جي دفاعي قيادت فوج کي صرف روايتي جنگي قوت کان اڳيان وڌائيندي هڪ مضبوط سائبر مرڪزيت رکندڙ اداري ۾ تبديل ڪيو آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ان ويزن تي عملدرآمد لاءِ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، جدت، ڪاروباري ماحول، ڊجيٽل مهارتن ۽ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت اهڙو ماحول پيدا ڪري رهي آهي، جتي جدتڪار نيون ايجادون ڪري سگهجن. اسٽارٽ اپس ترقي ڪري، سيڙپڪار سيڙپڪاري وڌائين، نوجوان عالمي سطح تي مقابلو ڪن ۽ حڪومت هڪ موثر سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سوال اهو ناهي ته پاڪستان ان ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪندو يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ان جو مالڪ بڻجندو. مقامي صلاحيتون ۽ ٽيلنٽ جي تياري اسان جي خودمختياري لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اڄ خودمختياري صرف سرحدن جي دفاع سان نه پر جديد ٽيڪنالاجيز تي ملڪ جي گرفت ۽ ملڪيت سان ماپي سگهجن ٿيون. هن حق جي ويڙهه جو حوالو ڏيندي چيو ته ان آپريشن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ نه رڳو پاڪستان جي روايتي دفاعي صلاحيتن پر سائبر ۽ خودمختيار نظامن جي ڪاميابي کي به دنيا جي سامهون ثابت ڪيو. هن چيو ته دفاعي ادارا ۽ صنعتي شعبو گڏجي ڊجيٽل جدت کي هٿي ڏئي رهيا آهن. هن نوجوانن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو قرار ڏيندي چيو ته وزيراعظم هر مهيني پيداواري روزگار سان لاڳاپيل اجلاس جي صدارت ڪندو آهي. هلندڙ سال 10 لک نوجوانن کي بنيادي ڊجيٽل مهارتن کان ويندي جديد سيمي ڪنڊڪٽر ۽ چپ ڊزائن تائين تربيت ڏني وئي. هن چيو ته ٻيو اهم ٿنڀ حقيقي ماحول ۾ ٽيسٽنگ آهي، روبوٽڪس هن وقت حقيقي معنيٰ ۾ فائديمند ثابت ٿيندي آهي، جڏهن هو فيڪٽرين مان نڪري عملي ماحول ۾ ڪم ڪري، اسان کي وڌيڪ سينٽرز آف ايڪسيلنس قائم ڪرڻا پوندا ۽ روبوٽڪس سسٽمز کي حقيقي حالتن ۾ آزمائڻو پوندو. هن چيو ته سرڪاري ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي جي پهرين خريدار جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن نجي شعبو نوان حل تيار ڪري سگهي. هن ٽين ٿنڀ انفراسٽرڪچر ۽ ڪمپيوٽنگ تي ڳالهائيندي چيو ته ڊيٽا خودمختياري انتهائي اهم ٿي چڪي آهي. مصنوعي ذهانت لاءِ ڊيٽا، تيز رفتار رابطا، ڪمپيوٽنگ پاور ۽ محفوظ انفراسٽرڪچر ضروري آهي، روبوٽڪس لاءِ سينسرز، ايج ڪمپيوٽنگ، ڪميونيڪيشن، ڪنٽرول سسٽمز ۽ اعتماد جوڳي بجلي ضروري آهي. هن ڊيپ ٽيڪنالاجيز لاءِ خاص مالياتي نظام، اسٽارٽ اپس لاءِ آسان سرڪاري خريداري، گڏيل فيبريڪيشن سهولت ۽ عالمي ڪمپنين سان اهڙي شراڪتي منصوبن تي زور ڀريو، جن ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجيز دنيا جا اصول بدلي رهي آهي، نيون حقيقتون جوڙي رهي آهي ۽ قومن جي ترقي جي ڪيترن ئي ڏهاڪن جو سفر مختصر وقت ۾ طئي ڪرڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪري رهي آهي، اهو اهڙو موقعو آهي جنهن کي پاڪستان ڪنهن به ريت ضايع نٿو ڪري سگهي.