اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) ملائڪه خلجي کوسر گنگ چوٽي سر ڪندڙ بلوچستان جي پهرين عورت هئڻ جو اعزاز حاصل رڪي ورتو آيه. الپائن ڪلب آف پاڪستان جي انتظام هيٺ منعقد ٿيندڙ ان مهم پاڪستان جي جبل چاڙهن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪيو. چوٽي سر ڪرڻ کان پوءِ ملائڪه پاڪستان جو سبز هلالي پرچم لهرايو جيڪو وطن سان سندس محبت ۽ پاڪستاني نوجوانن …
ملائڪه خلجي کوسر گنگ چوٽي سر ڪندڙ بلوچستان جي پهريون عورت هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) ملائڪه خلجي کوسر گنگ چوٽي سر ڪندڙ بلوچستان جي پهرين عورت هئڻ جو اعزاز حاصل رڪي ورتو آيه. الپائن ڪلب آف پاڪستان جي انتظام هيٺ منعقد ٿيندڙ ان مهم پاڪستان جي جبل چاڙهن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪيو. چوٽي سر ڪرڻ کان پوءِ ملائڪه پاڪستان جو سبز هلالي پرچم لهرايو جيڪو وطن سان سندس محبت ۽ پاڪستاني نوجوانن جي عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. الپائن ڪلب آف پاڪستان بلوچستان جي فخر جوڳي ڌيءَ ملائڪه خلجي ۽ سندس خاندان کي ان تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ملائڪه خلجي جي اها فتح دنيا کي اهو ٻڌايو آهي ته بلوچستان جي حقيقي سڃاڻپ ان جي باصلاحيت، بهادر ۽ پراميد نوجوان آهن. ملائڪه خلجي جي اها ڪاميابي صرف هڪ جبل چڙهڻ جو ڪارنامو نه پر اميد، استقامت ۽ حب الوطني جو هڪ طاقتور پيغام پڻ آهي.











