منيلا - 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي هيڊڪوارٽرز ۾ اي ڊي بي جي نائب صدر (ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا) ينگ منگ يانگ، نائب صدر (سيڪٽرز اينڊ ٿيمز) فاطمه ياسمين، اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرلز، پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نشيطه محسن ۽ ٻين اعلى عملدارن سان …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعلى عملدارن سان ملاقات

مزید خبریں
منيلا – 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي هيڊڪوارٽرز ۾ اي ڊي بي جي نائب صدر (ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا) ينگ منگ يانگ، نائب صدر (سيڪٽرز اينڊ ٿيمز) فاطمه ياسمين، اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرلز، پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نشيطه محسن ۽ ٻين اعلى عملدارن سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڌرين پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وچ ۾ ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي بنيادي ڍانچي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، علائقائي رابطن ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن جي لاءِ اي ڊي بي جي مستقل حمايت کي ساراهيو ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ايم ايل ون ريلوي منصوبي کي حڪومت جي نمايان بنيادي ڍانچي جي منصوبن مان هڪ ٻيو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترجيحن ۾ شامل اهم منصوبو قرار ڏنو. هن منصوبي جي لاءِ ڪنسورشيم فنانسنگ جي قيادت ۾ اي ڊي بي جي مسلسل معاونت کي ساراهيندي درخواست ڪئي ته منصوبي جي منظوري ۽ عملدرآمد جي مرحلن کي تيز ڪيو وڃي. اي ڊي بي جي نائب صدرن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته اهو منصوبو پاڪستان جي ريلوي نظام کي جديد بڻائڻ، رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم جو خاص معاون طارق باجوه، فلپائن ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر عاصمه رباني ۽ ٻنهي طرفن جا اعلى عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا.










