منيلا - 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالاس سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ڪاجا ڪالاس پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين دور جي سلسلي ۾ پنهنجي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعلى نمائنده ڪاجا ڪالاس سان ملاقات
منيلا – 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالاس سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ڪاجا ڪالاس پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين دور جي سلسلي ۾ پنهنجي اسلام آباد جي تازي ٻطرفي دوري جو ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان تحت تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته آمريڪا – ايران صورتحال جي ڏس ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مستقل سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل ۽ پائيدار رستو آهي. هن ان صورتحال جي علائقائي سلامتي، عالمي توانائي جي منڊين، سامونڊي سلامتي، واپار ۽ سپلاءِ چينز تي وسيع تر اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مسلسل ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ عالمي قانون جي پاسداري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم جي ايس پي پلس فريم ورڪ جي بنياد بڻجندڙ سمورن عالمي ڪنوينشنز تي موثر عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي اقتصادي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.











