اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جي سربراهي ۾ اعلى سطحي وفد اربع ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو دورو ڪيو جتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻه پاڙيسري ملڪ آهن جيڪي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ملاقات ٻنهي ملڪن جي چونڊ ادارن جي وچ ۾ تجربن جي …
ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جي سربراهي ۾ اعلى سطحي وفد پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جي سربراهي ۾ اعلى سطحي وفد اربع ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو دورو ڪيو جتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻه پاڙيسري ملڪ آهن جيڪي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ملاقات ٻنهي ملڪن جي چونڊ ادارن جي وچ ۾ تجربن جي مٽاسٽا ۽ اداراجاتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب وفد ۾ گورنر جنرل سيستان ۽ بلوچستان، ايران جي گهرو وزارت، ايران جي پرڏيهي وزارت، ايران جي زراعت واري وزارت، ايران جي لنگهه ۽ شهري ترقي واري وزارت، نيشنل ايراني آئل ڪمپني ۽ ٻين اهم سرڪاري ادارن جا اعلى عملدار، ڏکڻ ايشيا ڊويزن جو ڊائريڪٽر جنرل، نائب وزير، صلاحڪار ۽ عالمي معاملن جا سينيئر عملدار شامل هئا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ موجود هئا. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري وفد کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آئيني ۽ قانوني ڍانچي، چونڊ نظام، ذميوارين ۽ اداري جي جديد سڌارن کان آگاهه ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻه پاڙيسري ملڪ آهن جيڪي تاريخ، مذهب ۽ ثقافت جي ڪري هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ هي ملاقات ٻنهي ملڪن جي چونڊ ادارن جي وچ ۾ تجربن جي مٽاسٽا ۽ اداراجاتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جديد ٽريننگ اڪيڊمي چونڊ انتظام ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ جديد سهولتن سان ليس آهي. هن ايراني وفد کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن ايران کي چونڊ عمل، صلاحيت ۾ اضافي ۽ ڪنهن به نوعيت جي پيشيواراڻي تربيت جي ضرورت هجي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي ٽريننگ اڪيڊمي جي ذريعي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن دوري سان پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ چونڊ ادارن جي وچ ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن ايراني وفد جي لاءِ پاڪستان ۾ خوشگوار قيام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري پاڪستاني قوم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان پاران ايران جي حمايت کي سدائين قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا تاريخي، مذهبي ۽ ڀائراڻي بنيادن تي قائم آهن. ايراني گهرو وزير چونڊ عملي جي مقرري ۽ چونڊ شڪايتن جي ازالي جي طريقيڪار بابت پڇيو جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته چونڊ عملو اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ملازمن ۽ عدليه جي جوڊيشل آفيسرن تي ٻڌل هوندو آهي جڏهن ته چونڊون منعقد ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن پٽيشنز تي فيصلا اليڪشن ٽربيونلز قانون موجب ڪندا آهن. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين چونڊ معاملن، اداراجاتي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آخر ۾ ايراني گهرو وزير چيف اليڪشن ڪمشنر کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪندي ايراني گهرو وزير جا ٿورا ادا ڪيا.










