واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سام سنگ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ جي وفد سان گڏ ملاقات

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان مشهور ٽيڪ ڪمپني سام سنگ کي پاڪسان ۾ تيار ٿيندڙ موبائيل فونز جي روانگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان کي موبائيل فون مينيوفيڪچرنگ، ريفربشمينٽ ۽ روانگي واپار جو علائقائي مرڪز بڻائڻ جي دعوت ڏيندي خاطري ڪرائي ته حڪومت روانگي واپار، ويليو ايڊيشن ۽ صنعتي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. واپار واري وزارت …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان مشهور ٽيڪ ڪمپني سام سنگ کي پاڪسان ۾ تيار ٿيندڙ موبائيل فونز جي روانگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان کي موبائيل فون مينيوفيڪچرنگ، ريفربشمينٽ ۽ روانگي واپار جو علائقائي مرڪز بڻائڻ جي دعوت ڏيندي خاطري ڪرائي ته حڪومت روانگي واپار، ويليو ايڊيشن ۽ صنعتي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب اربع ڏينهن واپار واري وزارت ۾ سام سنگ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ وفد سان گڏ وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ تائين محدود رهڻ بدران هتي تيار ٿيندڙ اسمارٽ فونز جو خاص ڪري آفريقي ملڪن ۽ ٻين اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ روانگي واپار ڪن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي وڌندڙ مينيوفيڪچرنگ صلاحيت مان فائدو کڻندي عالمي سپلاءِ چين جو حصو بڻجڻ گهرجي. ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ تصديق ٿيل موبائيل فون ريفربشمينٽ مرڪز قائم ڪرڻ جي سام سنگ جي تجويز جي به تعريف ڪئي. هن چيو ته منظم ريفربشمينٽ نظام نه رڳو مقامي صنعت کي مضبوط بڻائيندو، پر معياري ۽ وارنٽي رکندڙ ريفربشڊ موبائيل فونز جي روانگي واپار، روزگار جي نون موقعن ۽ فني مهارتن کي هٿي ڏيڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. سام سنگ جي وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ موبائيل فون مينيوفيڪچرنگ جي شعبي جي اڳڀرائي ۽ مقامي اسيمبل ۾ ڪمپني جي سيڙپڪاري کان آگاهه ڪيو. وفد نشاندهي ڪئي ته سيمي ناڪ ڊان ۽ مڪمل تيار ٿيل موبائيل فونز تي محصول جي فرق ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس ڍانچي ۾ تبديلي سبب مقامي طور تيار ٿيندڙ موبائيل فونز جي چٽاڀيٽي متاثر ٿي آهي. وفد حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مقامي صنعت جي حوصلا افزائي لاءِ مناسب ٽيرف فرق برقرار رکيو وڃي. وفد استعمال ٿيل موبائيل فونز جي واپاري آمدني واپار تي به خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان مقامي صنعت متاثر ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ مقامي طلب پوري ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. وفد تجويز ڏني ته استعمال ٿيل فونز جي آمدني واپار جي جاءِ تي اصل ڪمپنين جي انتظام هيٺ تصديق ٿيل ريفربشمينٽ نظام متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن صارفين کي معياري ۽ وارنٽي رکندڙ فونز دستياب هجن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موبائيل فون صنعت گذريل ڪجهه سالن ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي ۽ ايندڙ پاليسي جو محور حقيقي مينيوفيڪچرنگ، مقامي ويليو ايڊيشن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو هئڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ هاڻي گهربل پيداواري صلاحيت موجود آهي، جڏهن ته صنعتي پاليسين کي آمدني واپار ۾ استعمال شده منصوعات تي ڀاڙڻ بدران سيڙپڪاري ۽ مقامي پيداوار جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت صنعتي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستان عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سام سنگ جهڙن عالمي ادارن سان مضبوط تعاون سان سيڙپڪاري، روزگار جا موقعا ۽ ملڪي روانگي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

مزید خبریں