جيڪي قومون تعليم، سائنسي تحقيق ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون آهن، مستقبل جي قيادت به اهي ئي ڪنديون آهن: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيڪي قومون تعليم، سائنسي تحقيق ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون آهن، مستقبل جي قيادت به اهي ئي ڪنديون آهن، مسلم دنيا کي ترقي، پاڻ تي ڀاڙڻ، پائيدار مستقبل ۽ گڏيل خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ علم، تحقيق، جدت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيڪي قومون تعليم، سائنسي تحقيق ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون آهن، مستقبل جي قيادت به اهي ئي ڪنديون آهن، مسلم دنيا کي ترقي، پاڻ تي ڀاڙڻ، پائيدار مستقبل ۽ گڏيل خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ علم، تحقيق، جدت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جڏهن ته معياري تعليم هر ماڻهو جو بنيادي انساني حق آهي ۽ اها ئي پائيدار ترقي، مضبوط ادارن ۽ بااختيار معاشري جو بنياد آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون (ڪامسٽيڪ) جي انتظام هيٺ منعقد تعليم، سائنسي تحقيق ۽ جدت واري بين الاسلامي فورم ۾ مهمان خصوصي طور خطاب ڪندي ڪيو. فورم ۾ او آءِ سي جي ادارن جي نمائندن، مختلف اسلامي ملڪن جي سفيرن، ڪينيا جي منڊيرا ڪائونٽي جي گورنر محمد عدن خليف، ملائيشيا جي سينيٽر توان جزيري الڪاف، ڪامسٽيڪ جي اعزازي مشير پروفيسر ڊاڪٽر شاهد محمود، بحريه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) عابد حميد، مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلر، مشهور سائنسدانن، تحقيق ڪندڙن، تعليمي ماهرن، اسڪالرز ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وفد شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري، وفاقي وزير جي آجيان ڪندي پاڪستان کي عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني ۽ ايندڙ 2 سالن لاءِ ان جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن اسلام جي شاندار علمي ورثي ۽ علم نافع جي تصور کي اجاگر ڪندي چيو ته تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت مسلم دنيا جي سماجي ۽ معاشي ترقي جو بنياد آهي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته تعليم صرف ترقي جو ذريعو ناهي پر بنيادي انساني حق به آهي، تعليم خاص ڪري عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائي، برابري جا موقعا فراهم ڪري ٿي، ادارن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ مستقبل جي سائنسدان، ڪاروباري اڳواڻن ۽ قائدين جي تياري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين انساني وقار، برابري ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي ضمانت ڏئي ٿو. ان لاءِ معياري تعليم تائين آسان پهچ آئيني ذميواري سان گڏوگڏ انساني حقن جي گهرج به آهي. هن چيو ته مسلم دنيا کي موجوده عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون، سائنسي تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي، تعليمي مٽاسٽا ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪي ملڪ تعليم، تحقيق ۽ انساني سرمائي ۾ سيڙپڪاري ڪندا آهن، اهي مستقبل ۾ عالمي قيادت جو عهدو سنڀاليندا آهن. هن فلسطين، يمن، بنگلاديش، آفريقي ملڪن ۽ ٻين ڏکين حالتن کي منهن ڏيندڙ اسلامي رياستن جي شاگردن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪامسٽيڪ جي اسڪالرشپس، تحقيقي پروگرامن ۽ تعليمي مدد کي اسلامي يڪجهتي، اخوت ۽ گڏيل تعاون جو عملي مثال قرار ڏيندي چيو ته اهڙن قدمن سان مسلم دنيا جي گڏيل مستقبل کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تازو ئي عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني ڪئي آهي ۽ ايندڙ 2 سالن لاءِ ان جي چيئرمين شپ به سنڀالي آهي. هن انساني حقن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم، سائنسي تعاون ۽ جامع ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن سان ويجهي تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. ان موقعي تي ڪينيا جي گورنر محمد عدن خليف ۽ ملائيشيا جي سينيٽر توان جزيري الڪاف پنهنجن خطابن ۾ مسلم ملڪن وچ ۾ تعليمي رابطن، گڏيل سائنسي تحقيق، ۽ علمي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته گڏيل ڪوششن ذريعي ئي او آءِ سي ملڪ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهندا. ڪامسٽيڪ جي اعزازي مشير پروفيسر ڊاڪٽر شاهد محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علم تي ٻڌل معيشت، مضبوط تحقيقي ادارن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڊريم ٽيم سي بي او جي باني ۽ سرپرست ڊاڪٽر سلميٰ نوجوانن ۽ عورتن کي تعليم، تحقيق ۽ جدت ذريعي بااختيار بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو ته پائيدار ترقي لاءِ نوجوان نسل کي جديد مهارتن ۽ سوچ سان آراسته ڪرڻ اڻٽر آهي. بعد ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي جڏهن ته شرڪت ڪندڙن تعليم، سائنسي تحقيق، جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن م گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گروپ فوٽو به ڪڍرايو.

مزید خبریں