اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان فامسن گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيڪ چن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي جديد رخن تي ترقي، اناج ذخيرو ڪرڻ جي جديد نظام، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن وزارت جي ترجمان …
قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سان سي اي او فامسن گروپ جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان فامسن گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيڪ چن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي جديد رخن تي ترقي، اناج ذخيرو ڪرڻ جي جديد نظام، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي پراڻي ۽ مثالي دوستي کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جي معيشت ۽ زرعي شعبي تي چيني ڪمپنين جي اعتماد کي سٺو سنئوڻ سمجهون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين تعاون هاڻي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جتي بنيادي ڍانچي جي تعمير سان گڏوگڏ زرعي ترقي، صنعتڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، جدت ۽ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير پاڪستان جي زرعي ۽ غذائي شعبي ۾ فامسن گروپ جي گذريل ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته ڪمپني فيڊ ملنگ، اناج جي هينڊلنگ ۽ فود پروسيسنگ جي شعبن جي ترقي ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ڪمپني کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي دعوت ڏني. وفاقي وزير ملڪ ۾ جديد سائنسي بنيادن تي اناج ذخيرو ڪرڻ جي سهولتن جي ضرورت تي زور ڀريندي فامسن گروپ کي پاڪستان ۾ جديد هاءِ ٽيڪ سائلوز جي قيام ۾ تعاون جي دعوت ڏني. هن چيو ته جديد ذخيره گاهن جي قيام سان فصلن کان پوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، غذائي تحفظ مضبوط ٿيندو، زرعي سپلاءِ چين وڌيڪ موثر بڻجندي ۽ اناج کي محفوظ انداز ۾ ذخيرو ڪرڻ ممڪن ٿيندو. ملاقات ۾ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۾ جديد سائلو جي هڪ پائليٽ ڊمانسٽريشن منصوبي جي قيام جي تجويز به غور هيٺ آئي. وفاقي وزير چيو ته هي منصوبو جديد ٽيڪنالاجي جي عملي مظاهري، تحقيقي سرگرمين، ماهرن ۽ تحقيق ڪندڙن جي تربيت لاءِ هڪ مثالي مرڪز ثابت ٿيندو. راڻا تنوير حسين فامسن گروپ کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي فني ٽيم سان پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل جو دورو ڪري، اتي موجود تحقيقي سهولتن جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ تحقيق ۽ فني تعاون کي وڌيڪ موثر بنائڻ لاءِ سفارشون پيش ڪري. وفاقي وزير چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ چين وچ ۾ زرعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ شراڪتداري کي نئون رخ فراهم ٿيندو. فامسن گروپ جي وفد پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جي تعريف ڪئي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي، سمارٽ ايگريڪلچر ۽ اناج ذخيرو ڪرڻ جي شعبن ۾ پنهنجي عالمي تجربن کان آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان سان گڏيل مفادن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.










