باڪو- 22 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان انصاف جي شعبي ۾ آذربائيجان سان شراڪتداري کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ادارن کي فائدا حاصل ٿي سگهن. هن اها ڳالهه باڪو ۾ آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف سان ملاقات دوران چئي. اها ملاقات ٻنهي ملڪن جي انصاف واري وزارت وچ …
انصاف جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي شراڪتداري کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون: مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ

مزید خبریں
باڪو- 22 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان انصاف جي شعبي ۾ آذربائيجان سان شراڪتداري کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ادارن کي فائدا حاصل ٿي سگهن. هن اها ڳالهه باڪو ۾ آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف سان ملاقات دوران چئي. اها ملاقات ٻنهي ملڪن جي انصاف واري وزارت وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تحت جاري ايگزيڪيوٽو جوڊيشل ٽريننگ پروگرام دي جوڊيشل ڪرافٽ جي موقعي تي ٿي. بئريسٽر عقيل ملڪ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران نيڪ تمنائن جو پيغام به پهچايو ۽ چيو ته پاڪستان قانون، انصاف ۽ عدالتي سڌارن جي شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ تاريخي دوستي ۽ هٿي ماڻيندڙ شراڪتداري جي تعريف ڪندي چيو ته سندس ملڪ ٻنهي انصاف وارين وزارتن وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن مفاهمتي يادداشتن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هي شراڪتداري صرف گڏيل مفاهمت جي فريم ورڪ کان اڳيان وڌي عملي تعاون جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هن اسلام آباد ۾ منعقد ايڊوانسڊ ٽريٽي پريڪٽس فرام سگنيچر ٽو ڊوميسٽڪ لا پروگرام ۽ باڪو ۾ جاري دي جوڊيشل ڪرافٽ تربيتي پروگرام کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تعاون جي علامت قرار ڏنو. ملاقات دوران عدالتي تعليم، اداره جاتي سگهه، قانوني تحقيق، قانون سازي، انصاف جي نظام جي ڊجيٽل تبديلي، ٽياڪڙي ۽ مصالحت سميت تڪرارن جي متبادل حل جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين عدالتي انتظام، ڊجيٽل انصاف جي قدمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال ذريعي انصاف جي نظام کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ عوام دوست بنائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي هاءِ انصاف واري وزارت وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي گڏيل پروگرامن، اداره جاتي رابطن ۽ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي عملدرآمد جاري رکنداسين ته جيئن قانون جي حڪمراني کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.










