اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته پاڪستان اٽڪل 9 سالن کان پوءِ ايس اينڊ پي گلوبل جي بي ڪريڊٽ ريٽنگ ٻيهر حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪا پاڪستان جي معاشي بحالي تي عالمي اعتماد جي عڪاسي آهي. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ خرم شهزاد چيو ته ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز پاڪستان جي ڪريڊٽ …
پاڪستان اٽڪل 9 سالن کان پوءِ ايس اينڊ پي گلوبل جي بي ڪريڊٽ ريٽنگ ٻيهر حاصل ڪري ورتي، معاشي بحالي تي عالمي اعتماد جو هڪ ٻيو اظهار آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته پاڪستان اٽڪل 9 سالن کان پوءِ ايس اينڊ پي گلوبل جي بي ڪريڊٽ ريٽنگ ٻيهر حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪا پاڪستان جي معاشي بحالي تي عالمي اعتماد جي عڪاسي آهي. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ خرم شهزاد چيو ته ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ”بي مائينس“ کان وڌائي ”بي“ ڪري ڇڏي آهي جيڪا پاڪستان اٽڪل 9 سالن کان پوءِ ٻيهر ”بي“ ڪريڊٽ ريٽنگ حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ آخري ڀيرو 17-2016ع ۾ بي ڪريڊٽ ريٽنگ موجود هئي ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري پاڪستان جي معاشي بحالي تي عالمي اعتماد جو هڪ ٻيو اهم اظهار آهي. هن چيو ته ايس اينڊ پي گلوبل پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي اداره جاتي سگهه ۾ بهتري، اهم سڌارن تي عملدرآمد، مالياتي استحڪام لاءِ تيز رفتار قدمن، مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافي ۽ مجموعي معاشي استحڪام کي ريٽنگ ۾ بهتري جا بنيادي سبب قرار ڏنو. هن چيو ته ايس اينڊ پي پاران پاڪستان لاءِ مستحڪم آئوٽ لڪ جو برقرار رکڻ ان اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ جاري سڌارن وارو عمل پائيدار معاشي ترقي ۽ مسلسل مالياتي نظم و ضبط کي هٿي ڏيندو. هن چيو ته استحڪام مضبوط ٿي رهيو آهي. سڌارا نتيجا ڏئي رهيا آهن ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري پاڪستان جي معاشي بحالي جي ڪوششن لاءِ هڪ مثبت ۽ حوصلا افزا اشارو آهي. هن چيو ته حڪومت معيشت کي مستحڪم بڻائڻ، پرڏيهي مالياتي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ سڌارن وارن قدمن تي عمل ڪري رهي آهي جن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.











