اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4600 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 33 هزار 836 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 600 روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 33 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4600 روپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4600 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 33 هزار 836 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 600 روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 33 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3944 روپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 68 هزار مان وڌي 3 لک 71 هزار 944 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 37 هزار 346 روپين مان وڌي 3 لک 40 هزار 961 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 7 روپين جي واڌ کانپوءِ 6403 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 6 روپين جي واڌ کانپوءِ 5489 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4068 ڊالرز مان وڌي 4114 ڊالرز ٿي وئي.











