وزيراعظم پاران روبوٽڪس ۽ اٽانومس سسٽمز جي ترقي جي لاءِ اسپارڪ اينڊ ايليويٽ پروگرام جي شروعات ۽ 20 ملين ڊالر جو پاڪستان وينچر فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي خودمختياري جي تحفظ ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪندي روبوٽڪس ۽ اٽانومس سسٽمز جي ترقي جي لاءِ اسپارڪ اينڊ ايليويٽ پروگرام جي شروعات ۽ 20 ملين ڊالر جو پاڪستان وينچر فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي …

اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي خودمختياري جي تحفظ ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪندي روبوٽڪس ۽ اٽانومس سسٽمز جي ترقي جي لاءِ اسپارڪ اينڊ ايليويٽ پروگرام جي شروعات ۽ 20 ملين ڊالر جو پاڪستان وينچر فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيتون وڌائڻ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، معرڪه حق ۾ فوج جديد آٽونومس سسٽمز ۽ سائبر سيڪيورٽي جي ذريعي سرحدن جو دفاع ڪيو، ٽيڪنالاجي جو انقلاب ڪجهه جديد معيشتن، وڏي ڪارپوريشنز ۽ وڏن شهرن تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر سڀني جي لاءِ برابر ترقي ٿيڻ گهرجي، جدت کي قابل عمل حل ۾ بدلائي عوام جي زندگي آسان بڻائينداسين، اڻٿڪ محنت سان ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن هتي انڊس راس روبوٽڪس اينڊ اٽانومس سسٽمز ايڪسپو جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته انڊس راس روبوٽڪس اينڊ اٽانومس سسٽمز ايڪسپو ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، ان سان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي، هي نمائش ۽ اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي 21هين صديءَ جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ پهرين صف جو ملڪ بڻائيندا. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ پاڪستان انڊس اي آءِ سمٽ جي پڻ ميزباني ڪئي جنهن سان مصنوعي ذهانت جي دور ۾ پاڪستان جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ حڪومتي نمائندن، ٽيڪنالاجي ليڊرز ۽ محقيقين ڪاروباري ماڻهن کي گڏجي ويهڻ جو موقعو مليو، اڄ انڊس راس ايڪسپو سان ان ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ جو موقعو مليو آهي ته ڪهڙي طرح جدت کي فعال سلوشنز ۾ تبديل ڪريون، روبوٽڪس ۽ ڊرونز جي جدت سان معيشت مضبوط، سلامتي بهتر ۽ عوام جي زندگي آسان ٿيندي، ان جهت اڪيڊميا، انڊسٽري، اسٽارٽ اپس ۽ پاليسي سازن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي ٻاروتڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي جدت بليڪ اينڊ وائيٽ ٽيليويزن جو اچڻ هو ۽ خاندان جا سمورا ماڻهو “اُچي برج لاهور دي” جهڙي پاڪستان ٽيليويزن جي ڪلاسڪ نشريات کي گڏجي ڏسندا هئا پر اڄ دنيا ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي وئي آهي ۽ اسان تاريخ جي هڪ غيرمعمولي دور ۾ آهيون، زرعي پيداوار جي لاءِ پاڻي ۽ ٻين بنيادي عملن جي ضرورت، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اڄ ٽيڪنالاجي جي جديد شڪل اسان جي سامهون موجود آهي، اڄ مشينون محسوس ڪري تيزي سان فيصلا ۽ انهن تي عملدرامد ڪن ٿيون جيڪو ڪڏهن خواب لڳندو هو اڄ حقيقت بڻجي اسان جي سامهون موجود آهي. وزيراعظم چيو ته فخريه طور تي چوان ٿو ته پاڪستان دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيتون وڌائڻ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سلامتي جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال فخر جوڳو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪئي، سيميوليٽرز سئو سيڪڙو پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن، ڊرونز جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مقامي تياري حاصل ڪئي وئي آهي، معرڪه حق ۾ هٿياربند فوج جديد آٽونومس سسٽمز ۽ سائبر سيڪيورٽي جي ذريعي سرحدن جو دفاع ڪيو، معرڪه حق ۾ فيلڊ مارشل جي سربراهي ۾ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي معاونت شاندار رهي ۽ اسان جي هٿياربند فوج ملڪي خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ مضبوط عزم جي مظاهري سان گڏوگڏ ملڪي صلاحيتن، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ آپريشنل مهارت جو پڻ ڀرپور ثبوت ڏنو، دفاعي شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون ملڪ جي قومي دفاع جو لازمي جز آهن، ان سان اسان جي سيڪيورٽي جو نظام مضبوط ٿيندو، دفاع وڌيڪ فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويندو ۽ ان سان اڀرندڙ ۽ مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندو، دفاع ۾ آٽونومس صلاحيتن جي ترقي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو انقلاب ڪجهه جديد معيشتن، وڏي ڪارپوريشنز ۽ وڏن شهرن تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر سڀني جي لاءِ برابر ترقي ٿيڻ گهرجي، آبادگارن جي حالت بهتر ٿئي، ننڍي ڪاروبار کي هٿي ملي، ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي سهولتون ملن ۽ ڪمزور طبقن کي فائدو پهچي. محفوظ ۽ شفاف آٽونومس سسٽمز جي لاءِ واضح قانونسازي ۽ اخلاقي فريم ورڪ ٺاهڻ گهرجي. وزيراعظم پاڪستان ۾ روبوٽڪس ۽ اٽانومس سسٽمز جي ترقي جي لاءِ اسپارڪ اينڊ ايليويٽ پروگرام جي شروعات جو اعلان ڪيو جنهن جي ذريعي پاڪستان ۾ عالمي معيار جي ٽيڪنالاجيز جي لاءِ تحقيق کي فروغ ڏنو ويندو ان سان ڪاروبار جي ترقي ۽ نوڪرين جا موقعا وڌندا. وزيراعظم 20 ملين ڊالر جو پاڪستان وينچر فنڊ قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته تحقيق کي عالمي معيار جي ٽيڪنالاجي ۽ اعلى روزگار ۾ بدلائينداسين، ٻين ملڪن جي ٽيڪنالاجي جا محتاج نه آهيون پر پنهنجي تقدير پاڻ لکنداسين اڻٿڪ محنت سان ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته انڊس راس ايڪسپو 2025ع پاڪستان ۾ روبوٽڪس ۽ آٽوميشن جو قومي ايونٽ آهي. هن چيو ته اڄ روبوٽس فيڪٽرين مان نڪري هر ميدان ۾ آساني پيدا ڪري رهيا آهن، پاڪستان روبوٽڪس ۽ اي آءِ جي مڪمل ويليو چينز جو مالڪاڻو حق حاصل ڪندو. هن چيو ته ڊيجيٽل تبديلي پائيدار معاشي ترقي جو بنيادي ٿنڀ آهي، پرائيم منسٽر آفيس سسٽم گورننس جي نظام کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيندو. ان کان اڳ تقريب ۾ اچڻ تي وزيراعظم کي جامع بريفنگ ڏني وئي. تقريب ۾ راس انڊس ايڪسپو بابت دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.

مزید خبریں