اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ايس اينڊ پي گلوبل پاران پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ “مائنس بي” مان وڌائي “بي” ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اها اڳڀرائي ملڪي معيشت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اها ڪاميابي حڪومت جي موثر معاشي پاليسين، …
وزيراعظم پاران عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ايس اينڊ پي گلوبل پاران پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ “مائنس بي” مان وڌائي “بي” ڪرڻ جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ايس اينڊ پي گلوبل پاران پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ “مائنس بي” مان وڌائي “بي” ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اها اڳڀرائي ملڪي معيشت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اها ڪاميابي حڪومت جي موثر معاشي پاليسين، مالياتي نظم ۽ ضبط، سڌاراجاتي قدمن ۽ قومي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ جي مسلسل ڪوششن تي عالمي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي اداري پاران پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري حڪومت جي معيشت کي استحڪام ڏيڻ، ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائ، عالمي خساري ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي صحيح رخ ۾ هجڻ جو ثبوت آهي، حڪومت مشڪل پر ضروري معاشي فيصلا ڪيا جن جا مثبت نتيجا هاڻي عالمي سطح تي پڻ تسليم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان اڳڀرائي سان عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو، سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اقتصادي ٽيم ۽ لاڳاپيل ادارن جي ان ڪاميابي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي سفر کي پوري سنجيدگي ۽ عزم سان جاري رکندي ته جيئن پاڪستان کي پائيدار ۽ مضبوط اقتصادي بنياد فراهم ڪري سگهجن.










